Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 2:3 - Muslim Sindhi Bible

3 جيڪي نبي بيت‌ايل ۾ رهندا هئا سي نڪري اليشع وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”ڇا تو کي خبر آهي تہ خداوند اڄ تنهنجي مالڪ کي تو وٽان مٿي کڻي ڇڏڻ وارو آهي؟“ اليشع وراڻيو تہ ”هائو، مون کي خبر آهي. اوهين ماٺ رهو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ جيڪي نبين جا پٽ بيت ايل ۾ هئا سي نڪري اليشع وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ اها توکي ڪا خبر آهي يا نہ تہ خداوند اڄ تنهنجي ڌڻيءَ کي تنهنجي مٿي تان کڻي ويندو؟ ۽ هن چيو تہ هائو، مون کي خبر آهي؛ اوهين ماٺ ڪري ويهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 2:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اخي‌اب جي زال ايزبل خداوند جي نبين کي مارايو ٿي، تڏهن عبدياہ هڪ سؤ نبين کي ٻن غارن ۾ لڪايو هو، هر هڪ غار ۾ پنجاهہ پنجاهہ ڄڻا هئا. هن انهن کي اتي کاڌو پيتو بہ پئي ڏنو.


نبين جي ٽولي مان هڪڙي ڄڻي خداوند جي حڪم سان ٻئي کي چيو تہ ”مون کي ڌڪ هڻي زخمي ڪر.“ پر انهيءَ ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو.


يريحو شهر جي نبين جي ٽولي، جن اتي اهو بيٺي ڏٺو تن چيو تہ ”الياس جو روح اليشع تي اچي پيو آهي.“ سو هو سندس استقبال ڪرڻ لاءِ وڌي آيا ۽ سندس اڳيان جھڪي کيس تعظيم ڏنائون.


تڏهن جيڪي نبي يريحو ۾ رهندا هئا سي اليشع وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”ڇا تو کي خبر آهي تہ خداوند اڄ تنهنجي مالڪ کي تو وٽان مٿي کڻي ڇڏڻ وارو آهي؟“ اليشع وراڻيو تہ ”هائو، مون کي خبر آهي، پر اوهين ماٺ رهو.“


نبين مان پنجاهہ ڄڻا اردن درياءَ ڏانهن انهن جي پٺيان ويا. الياس ۽ اليشع اردن درياءَ جي ڀرسان بيهي رهيا ۽ اهي پنجاهہ نبي پرڀرو سندن سامهون بيهي رهيا.


هڪڙي عورت اليشع وٽ آئي جنهن جو مڙس نبين جي ٽولي مان هو ۽ مري ويو هو. انهيءَ عورت اليشع کي چيو تہ ”اوهان جو ٻانهو منهنجو مڙس مري ويو آهي! توهان کي خبر آهي تہ هو خدا جو خوف رکڻ وارو ماڻهو هو. پر هاڻ انهيءَ جو هڪڙو لهڻيدار آيو آهي، جيڪو پنهنجي قرض ۾ منهنجا ٻہ پٽ غلام ڪري وٺي وڃڻ چاهي ٿو.“


جڏهن اليشع جِلجال ۾ موٽي آيو تڏهن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار پيو هو. نبين جي هڪ ٽولي هن سان ملاقات ڪري رهي هئي. هن پنهنجي خدمتگار کي چيو تہ ”وڏي ديڳ کڻي چاڙهہ ۽ هنن لاءِ کاڌو تيار ڪري وٺ.“


جيحازيءَ وراڻيو تہ ”هائو، ٻيو سڀ خير آهي. منهنجي مالڪ مون کي موڪليو آهي ۽ چوايو اٿس تہ ’بلڪل هينئر، افرائيم جي جابلو علائقي مان مون وٽ نبين جي جماعت مان ٻہ ڄڻا آيا آهن. مهرباني ڪري انهن جي لاءِ پنجٽيهہ ڪلوگرام چاندي ۽ ٻہ وڳا ڪپڙن جا ڏي.‘“


اليشع جي نبين جي جماعت کيس چيو تہ ”هيءَ جاءِ جتي اسين توهان سان ملندا آهيون سا تمام سوڙهي آهي.


هوڏانهن نبين جي ٽولي مان هڪڙي کي اليشع نبيءَ گھرائي چيو تہ ”تياري ڪر ۽ زيتون جي تيل جي هيءَ دنگي کڻي رامات شهر ڏانهن وڃ.


ڏسو، آءٌ ۽ منهنجا اهي ٻار جيڪي خداوند مون کي عطا ڪيا آهن، سي بني اسرائيل لاءِ قادرِمطلق خداوند جي طرفان جيئريون جاڳنديون نشانيون ۽ پيغام آهيون، هائو، انهيءَ خداوند جا جنهن جو تخت صيئون جبل تي آهي.


تنهن تي عاموس ورندي ڏيئي امصياہ کي چيو تہ ”نڪي آءٌ ڪو نبي هئس ۽ نہ وري ڪنهن نبيءَ جو پٽ، بلڪ آءٌ تہ هڪڙو ڌنار ۽ انجير جي وڻن جو رکوالو آهيان.


”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا جي شهر ترسس ۾ پيدا ٿيس. آءٌ هتي يروشلم ۾ ئي وڌي وڏو ٿيس ۽ گملي‌ايل وٽان علم حاصل ڪيو اٿم. هن مون کي وڏن جي شريعت جي بہ مڪمل تعليم ڏني. جهڙيءَ طرح اوهين سڀيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ هوندو هئس.


خداوند کي پنهنجي قوم سان محبت آهي، ۽ اهي چونڊيل ماڻهو سندس حفاظت منجھہ آهن. اهي سڀيئي هن جي تابعداري ڪندي سندس هدايتن تي هلن ٿا.


انهيءَ کان پوءِ تون خدا واري جِبعت شهر ڏانهن چڙهي وڃجانءِ، جتي فلستي سپاهين جو پهرو آهي. جڏهن تون اتي شهر ۾ داخل ٿيندين تڏهن تو کي نبين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جيڪا سُرندو، دڦ، بانسري ۽ دنبورو وڄائيندي انهيءَ ٽڪر واري عبادت‌گاهہ کان هيٺ لهندي ايندي هوندي ۽ اهي خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ايندا هوندا.


تڏهن هن کيس پڪڙڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو موڪليا. پر جڏهن انهن اچي ڏٺو تہ نبين جي جماعت بي‌خوديءَ ۾ نچي واڪا ڪري رهي آهي ۽ سموئيل سندن اڳواڻ بڻيو بيٺو آهي، تڏهن سائول جي ماڻهن تي بہ خدا جو روح نازل ٿيو ۽ اهي بہ بي‌خوديءَ ۾ نچي واڪا ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ