Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 2:21 - Muslim Sindhi Bible

21 پوءِ هو نڪري پاڻيءَ جي چشمي وٽ ويو ۽ انهيءَ ۾ اُهو لوڻ اڇلائي چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’مون هن پاڻيءَ کي صاف سٿرو بڻايو آهي، اڄ کان پوءِ وري ڪڏهن بہ انهيءَ سان موت يا غير آبادي نہ ٿيندي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ هو نڪري پاڻيءَ جي چشمي تي ويو، ۽ اُنهيءَ ۾ لوڻ اُڇلائي چيائين تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ مون هي پاڻي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي؛ هن کانپوءِ وري انهيءَ ۾ موت يا غير آبادي نہ رهندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 2:21
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اليشع کين چيو تہ ”هڪڙي ڪوري پيالي ۾ لوڻ وجھي اهو مون وٽ کڻي اچو.“ سو هنن اُهو هن کي آڻي ڏنو.


اهڙيءَ طرح اليشع جي چوڻ موجب اڄ ڏينهن تائين پاڻي صاف سٿرو رهيو آهي.


تڏهن اليشع ڪجھہ اٽو گھرائي کاڌي جي ديڳ ۾ کڻي وڌو ۽ چيائين تہ ”هاڻ ورهائي ماڻهن کي ڏيو تہ کائين.“ انهيءَ جي ڪري جو اهو کاڌو کائڻ جهڙو ٿي پيو هو.


خدا جي بندي کانئس پڇيو تہ ”انهيءَ جو ڦر ڪٿي ڪريو آهي؟“ هن اها جاءِ ڏيکاريس. تڏهن اليشع هڪڙي ڪاٺي وڍي انهيءَ هنڌ اڇلائي تہ ڪهاڙيءَ جو ڦر ٻاهر نڪري ترڻ لڳو.


جيڪا بہ اناج جي قرباني پيش ڪريو، تنهن ۾ لوڻ ضرور وجھجو، بلڪ اوهين پنهنجين سڀني قربانين سان گڏ لوڻ پيش ڪجو، ڇاڪاڻ تہ لوڻ اوهان جي ۽ مون خداوند جي وچ واري عهد کي ظاهر ڪري ٿو.


سڀاڳا آهيو اوهين، جو ماڻهو منهنجي ڪري اوهان تي ڦٽ لعنت ڪن ٿا، ستائين ٿا ۽ اوهان تي هر قسم جون تهمتون ٿا هڻن،


سو لوڻ چڱي شيءِ آهي، پر جيڪڏهن انهيءَ مان لوڻياٺ ئي نڪري وڃي تہ پوءِ ان کي ڇا سان وري لوڻياٺو ڪري سگھبو؟ تنهنڪري پاڻ ۾ لوڻ واري خاصيت رکو ۽ هڪٻئي سان صلح ۾ رهو.“


ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ زمين تي ٿُڪ اڇلائي ۽ انهيءَ ٿُڪ مان مٽي آلي ڪيائين. پوءِ اها آلي مٽي انهيءَ انڌي جي اکين تي لاتائين


هو انهن جي اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رهندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رهندو، ڇاڪاڻ تہ اڳيون حالتون گذري ويون آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ