Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 2:2 - Muslim Sindhi Bible

2 الياس واٽ تي اليشع کي چيو تہ ”تون هتي ترسي پئُہ. مون کي خداوند بيت‌ايل ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.“ پر اليشع چيس تہ ”جيئري خداوند ۽ تنهنجي سر جو قسم آهي تہ آءٌ تو کي ڇڏي نہ ويندس.“ سو هو ٻيئي ڄڻا بيت‌ايل ڏانهن ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ ايلياہ اليشع کي چيو تہ مهرباني ڪري هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي بيت ايل تائين موڪليو آهي. ۽ اليشع چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. تنهنڪري هو بيت ايل ڏي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 2:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن انهيءَ هنڌ جو نالو بيت‌ايل رکيو. پر اڳ ۾ انهيءَ شهر جو نالو لوز هو.


انهيءَ ڪري بادشاهہ صلاح مصلحت کان پوءِ سون جا ٻہ گابا ٺهرايا. پوءِ ماڻهن کي چيائين تہ ”اي اسرائيل وارؤ! يروشلم تائين وڃڻ ۾ اوهان کي گھڻي تڪليف ٿئي ٿي. سو اِجھو، هي آهن اوهان جا معبود جن اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو هو.“


پوءِ هن انهن سونن گابن مان هڪڙو ڏکڻ ۾ بيت‌ايل شهر ۾ رکيو ۽ ٻيو اتر ۾ دان شهر ۾.


پوءِ اليشع اتان نڪري بيت‌ايل ڏانهن روانو ٿيو. جيئن ئي هو واٽ وٺيو پئي ويو، تيئن ڪجھہ ننڍا ڇوڪرا شهر مان نڪري آيا ۽ مٿس ٺٺوليون ڪري چوڻ لڳا تہ ”هل ڙي گنجا! هل ڙي گنجا!“


پوءِ الياس اليشع کي چيو تہ ”اي اليشع! تون هتي ترسي پئُہ. مون کي خداوند يريحو شهر ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.“ پر اليشع کيس وراڻيو تہ ”جيئري خداوند ۽ تنهنجي سر جو قسم آهي تہ آءٌ تو کي ڇڏي نہ ويندس.“ سو هو ٻيئي ڄڻا يريحو شهر ڏانهن ويا.


پوءِ الياس کيس چيو تہ ”تون هتي ترسي پئُہ. مون کي خداوند اردن درياءَ ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.“ پر اليشع کيس وراڻيو تہ ”جيئري خداوند ۽ تنهنجي سر جو قسم آهي تہ آءٌ تو کي ڇڏي نہ ويندس.“ پوءِ هو ٻيئي اڳتي هليا.


پر ٻار جي ماءُ اليشع کي چيو تہ ”جيئري خداوند ۽ توهان جي سر جو قسم آهي تہ آءٌ اوهان کي وٺي وڃڻ کان سواءِ ڪين وينديس.“ تڏهن اليشع اُٿي انهيءَ عورت سان گڏ روانو ٿيو.


۽ حق سچ، عدالت ۽ سچائيءَ ۾ مون جيئري خداوند جو قسم کڻندءُ، تہ پوءِ سڀ قومون منهنجي نالي جي ڪري برڪت حاصل ڪنديون ۽ مون تي فخر ڪنديون.“


مسيح جا اهي مخالف نڪتا تہ اسان منجھان ئي آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان منجھان نہ هئا، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو اسان منجھان هجن ها تہ اسان سان گڏ رهن ها. هنن جو اسان کي ڇڏي وڃڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ انهن مان ڪنهن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ هو.


حنہ عيليءَ کي چيو تہ ”اي منهنجا سائين! تنهنجي سر جو قسم تہ آءٌ اها ئي عورت آهيان جنهن هتي تنهنجي ڀر ۾ بيهي خداوند کان دعا گھري هئي.


جنهن وقت دائود جالوت سان وڙهڻ لاءِ وڃي رهيو هو، تڏهن سائول بادشاهہ کيس ڏسي پنهنجي لشڪر جي سپهہ‌سالار ابنير کان پڇيو تہ ”اي ابنير! هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي؟“ ابنير وراڻيس تہ ”اي بادشاهہ سلامت! مون کي خبر نہ آهي.“


پر اي منهنجا آقا! جڏهن تہ خداوند توهان کي خونريزيءَ کان ۽ پنهنجي هٿن سان پنهنجو وير وٺڻ کان روڪيو آهي، سو هاڻ خداوند جيئري جو قسم ۽ توهان جي جان جو قسم آهي تہ شل توهان جا دشمن ۽ اهي سڀيئي جيڪي اوهان جا بدخواہ آهن تن سان بہ نابال جهڙي ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ