2.بادشاهَہ 2:15 - Muslim Sindhi Bible15 يريحو شهر جي نبين جي ٽولي، جن اتي اهو بيٺي ڏٺو تن چيو تہ ”الياس جو روح اليشع تي اچي پيو آهي.“ سو هو سندس استقبال ڪرڻ لاءِ وڌي آيا ۽ سندس اڳيان جھڪي کيس تعظيم ڏنائون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible15 ۽ جڏهن نبين جا پٽ، جي هن جي سامهون يريحو ۾ هئا، تن هن کي ڏٺو، تڏهن هو چوڻ لڳا تہ ايلياہ جو روح اليشع تي اچي پيو آهي، ۽ هو سندس استقبال لاءِ آيا، ۽ سندس اڳيان زمين تائين جهڪيا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارن ڪاهنن کي حڪم ڏي تہ هو اردن درياءَ مان نڪري ٻاهر اچن.“ سو يشوع ڪاهنن کي حڪم ڏنو تہ ”اوهين اردن درياءَ مان نڪري ٻاهر اچو.“ تڏهن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارا ڪاهن بہ اردن درياءَ مان نڪري ٻاهر آيا ۽ جيئن ئي انهن پنهنجا پير سڪيءَ زمين تي رکيا، تہ اردن درياءَ جو وهڪرو وري شروع ٿي ويو ۽ اڳي وانگر پاڻي ڪنارن کان ٻاهر وهڻ لڳو. انهيءَ ڏينهن خداوند بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي نظرن ۾ يشوع کي سرفراز ڪيو ۽ بني اسرائيل سندس سڄي حياتيءَ تائين کانئس اهڙو ڊڄندا رهيا جهڙو موسيٰ کان ڊڄندا هئا.