Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 2:14 - Muslim Sindhi Bible

14 تڏهن هن الياس جي چادر جھلي پاڻيءَ تي هنئي ۽ چيائين تہ ”خداوند، الياس جو خدا ڪٿي آهي؟“ جڏهن هن پاڻيءَ کي ڌڪ هنيو تڏهن پاڻي چيرجي ٻہ حصا ٿي پيو ۽ اليشع پار لنگھي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پوءِ هن اُها چادر جا ايلياہ تان ڪِري پيئي هئي سا کڻي پاڻيءَ تي هنئي، ۽ چيائين تہ خداوند، ايلياہ جو خدا ڪٿي آهي؟ ۽ جڏهن هن بہ پاڻيءَ کي ڌڪ هنيو، تڏهن پاڻي چيرجي هِن پاسي ۽ هُن پاسي ٿي پيو: ۽ اليشع پار هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 2:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن اها چادر کنئي جيڪا الياس تان ڪري پيئي هئي ۽ موٽي وڃي اردن درياءَ جي ڪناري تي بيهي رهيو.


تنهن تي اليشع جيحازيءَ کي چيو تہ ”جلدي ڪر، منهنجي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻ ۽ ڊوڙندو وڃ. جيڪڏهن ڪو ماڻهو تو کي گڏجي تہ انهيءَ کي سلام نہ ڪج ۽ جيڪڏهن ڪو تو کي سلام ڪري تہ انهيءَ کي سلام جو جواب نہ ڏج. سڌو هن عورت جي گھر وڃ ۽ وڃي منهنجي لٺ ٻار جي منهن تي رکج.“


ڇو اهي ڌاريون قومون اسان کي چون ٿيون تہ ”ڪٿي آهي اوهان وارو خدا؟“


منهنجي هڏين ۾ ڄڻ تير ٿا چڀن، ڇاڪاڻ تہ منهنجا دشمن هر وقت مون کي طعنا هڻندي چون ٿا تہ ”تنهنجو خدا آهي ڪٿي؟“


آءٌ ڪڏهن تنهنجي حضور ۾ ايندس؟ ڪڏهن اچي اُتي حاضر ٿيندس؟ اي خدا! اي جيئرا خدا! آءٌ تنهنجي ديدار جو اڃايل آهيان.


بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي ويا. هنن جي ٻنهي پاسن کان پاڻي ڀت وانگر ٿي پيو.


هنن کي تہ منهنجي يادگيري ئي ناهي رهي، توڙي جو مون کين مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو، بلڪ کين ويران بيابان مان پڻ ٻاهر وٺي آيس، يعني رڻ‌پٽ ۽ کڏن کوٻن جي علائقي مان ڪڍي آيس، هڪ اهڙي علائقي مان جيڪو خشڪ ۽ انڌيري وارو هو. اهو اهڙو علائقو هو جنهن مان نہ ڪو لنگھندو هو ۽ نہ وري منجھس ڪو رهندو هو.


اي ڪاهنؤ! اوهين هيڪل جي اڱڻ ۾ روئو رڙو، ۽ قربان‌گاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ بيهي هيءَ دعا گھرو تہ ”اي خداوند! پنهنجيءَ قوم تي رحم ڪر. هائو، پنهنجي انهيءَ ميراث جي توهين ٿيڻ نہ ڏي. ڇو غير قومون اسان تي ٺٺوليون ڪندي چون تہ ’ڪٿي آهي اوهان جو خدا؟‘“


پوءِ شاگردن وڃي هر هنڌ خوشخبريءَ جي تبليغ ڪئي. انهن جي ڪم ۾ خداوند عيسيٰ ساڻن گڏ هو ۽ قدرت جي نشانين سان سندن تبليغ کي سچو ثابت ڪري ٿي ڏيکاريائين.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي ايمان رکندو سو بہ اهڙا ئي ڪم ڪندو جهڙا آءٌ ڪري رهيو آهيان، بلڪ انهن کان بہ وڏا ڪم ڪندو. هائو، جيئن تہ آءٌ پيءُ وٽ وڃي رهيو آهيان،


هو پنهنجي پيءُ يعني خدا جي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو ويو آهي، جنهن کان واعدي ڪيل پاڪ روح وٺي هن اهو اسان تي نازل ڪيو آهي، جنهن جو اثر اوهين هاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا.


جِدعون انهيءَ کي چيو تہ ”اي منهنجا سائين! جيڪڏهن خداوند اسان سان آهي تہ پوءِ هي سڀ ڪجھہ اسان سان ڇو ٿيو آهي؟ هن جا اهي سڀ معجزا ڪٿي آهن جن بابت اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي ٻڌايو هو تہ خداوند ڪيئن کين مصر مان هتي آندو؟ پر هاڻي تہ خداوند اسان کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ اسان کي مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو اٿس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ