Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 2:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اليشع اهو ڏسي رڙيون ڪري چوڻ لڳو تہ ”منهنجا ابا! اي منهنجا ابا! اي اسرائيل جا محافظ!“ جڏهن الياس اليشع جي نظرن کان غائب ٿي ويو، تڏهن اليشع پنهنجي ڪپڙن کي وٺي ڦاڙيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ اليشع اهو ڏسي رڙ ڪري چيو تہ اي منهنجا پيءُ، منهنجا پيءُ، اسرائيل جا رٿ ۽ انهن جا گهوڙي سوار! پوءِ وري هن انهيءَ کي نہ ڏٺو: ۽ هن پنهنجا ڪپڙا جهلي اُنهن کي ڦاڙي ٻہ ٽڪر ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 2:12
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يعقوب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا. هن کٿو گوڏ ڪري ٻڌو ۽ انهيءَ ئي حالت ۾ ڪيترائي ڏينهن پنهنجي پٽ جي لاءِ سوڳ ڪندو رهيو.


حنُوڪ پنهنجي حياتي خدا جي رفاقت ۾ گذاريندو رهيو ۽ پوءِ جيئن تہ خدا هن کي کڻي ورتو، سو هو وري نظر نہ آيو.


اليشع موتمار بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويو هو. اسرائيل جو بادشاهہ يهوآس وٽس آيو ۽ پاسي کان بيهي روئي چوڻ لڳس تہ ”منهنجا ابا! اي منهنجا ابا! اي اسرائيل جا محافظ!“


پوءِ هن اها چادر کنئي جيڪا الياس تان ڪري پيئي هئي ۽ موٽي وڃي اردن درياءَ جي ڪناري تي بيهي رهيو.


تڏهن نعمان جا نوڪر وٽس آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي سائين! جيڪڏهن نبي اوهان کي ڪنهن وڏي ڪم ڪرڻ لاءِ چوي ها تہ اوهين اهو نہ ڪريو ها ڇا؟ تہ پوءِ ڇو توهين هن جي چوڻ مطابق غسل نہ ٿا ڪريو، تہ ڇٽي چڱا ڀلا ٿي پئو؟“


جڏهن اسرائيل جي بادشاهہ انهن کي ڏٺو تڏهن اليشع کان پڇيائين تہ ”اي منهنجا سائين! ڇا آءٌ هنن کي مارائي ناس ڪري ڇڏيان؟“


هو انهن کي بہ معاف ڪري ڇڏيندو جيڪي بي‌گناهہ نہ آهن، هائو، کين تنهنجي هٿن جي پاڪيزگيءَ جي ڪري ڇڏيو ويندو.“


سچارن کي جڏهن خدا برڪت ڏئي ٿو تہ شهر جي ترقي ٿئي ٿي، مگر بدڪارن جي ڳالهين جي ڪري اهو شهر برباد ٿيو وڃي.


ڇا ڪو مٿي آسمان تي ويو آهي ۽ اتان ٿي موٽي آيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن هوا کي پنهنجيءَ مٺ ۾ بند ڪيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن پاڻيءَ کي ڪڪرن جي چادر ۾ ٻڌو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن ڌرتيءَ جون حدون مقرر ڪيون آهن؟ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن اهڙي هستيءَ جي باري ۾ ڪا خبر آهي، تہ پوءِ سندس نالو يا وري سندس اولاد جا نالا مون کي ٻڌائي.


ڏاهي ماڻهوءَ لاءِ سندس ڏاهپ هڪڙي اهڙي طاقت آهي جيڪا کيس شهر جي ڏهن طاقتور ماڻهن کان بہ وڌيڪ زورآور ٿي بڻائي.


تڏهن خداوند جي حضور ۾ دعا گھرندي چيائين تہ


تڏهن يسعياہ نبيءَ حزقياہ بادشاهہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا اشور جي شهنشاهہ سنحيرب خلاف تنهنجي دعا ٻڌي آهي.


اشور جي شهنشاهہ پنهنجو جيڪو عملدار اعليٰ موڪليو آهي سو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“


انهن سان ڳالهائڻ کان پوءِ خداوند عيسيٰ آسمان ڏانهن کڄي ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


جڏهن ملائڪ انهن وٽان موٽي آسمان ڏانهن هليا ويا تڏهن ريڍار هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هلو تہ بيت‌لحم هلون. هيءَ ڳالهہ جيڪا ٿي آهي ۽ جنهن جي خداوند اسان کي خبر ڏني آهي، سا هلي ڏسون.“


جيئن ئي هو انهن لاءِ برڪت گھري رهيو هو تہ کانئن جدا ٿيندو ويو، تان جو آسمان ڏانهن کڄي ويو.


ڪوبہ آسمان ڏانهن مٿي چڙهي نہ ويو آهي. رڳو هڪڙو ئي آهي جيڪو آسمان مان آيو آهي، يعني ابنِ آدم.


اڃا هن ايترو مس چيو تہ هو انهن جي ڏسندي ئي آسمان ڏانهن کڄي ويو ۽ هڪڙي ڪڪر جي اوٽ ۾ سندن نظر کان غائب ٿي ويو.


۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، هي جيڪي ماڻهو جهاز ۾ تو سان گڏ آهن، تن سڀني کي خدا تنهنجي خاطر بچايو آهي.‘


سو هن ڪچي گھر ۾ ڪنجھندي اسين اها وڏي تمنا پيا رکون تہ پنهنجي آسماني گھر کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيون.


جيستائين اسين هن جھوپڙيءَ ۾ رهندي بار هيٺان دٻيل آهيون، تيستائين ڪنجھندا پيا رهون. انهيءَ جو اهو مطلب نہ آهي تہ اسين موجودہ جسم کي ڇڏڻ ٿا چاهيون، بلڪ اسين آسماني گھر کي ان مٿان پوشاڪ وانگر پهرڻ ٿا چاهيون، تہ جيئن هي فاني جسم حيات ۾ بدلجي وڃي.


انهيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جڏهن هو مٿي چڙهي ويو، تڏهن قيدين کي پاڻ سان وٺي ويو، ۽ ماڻهن کي سوکڙيون ڏنائين.“


ان وقت خدا جو پيغام ڏيندڙ انهن شاهدن آسمان مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن کين چيو تہ ”هيڏانهن مٿي اچو.“ تنهن تي اهي ٻيئي شاهد ڪڪر ۾ آسمان ڏانهن ويا ۽ دشمن کين ڏسندا رهيا.


تڏهن ميڪاہ کيس چيو تہ ”تون مون سان گڏجي هڪڙي پيءُ ۽ ڪاهن طور ٿي رهہ تہ آءٌ تو کي سال ۾ ڏهہ چانديءَ جا سڪا، بلڪ ڪپڙا ۽ کاڌو بہ ڏيندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ