Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 2:1 - Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ وقت جڏهن خداوند الياس کي هڪڙي وڏي واچوڙي ۾ مٿي آسمان ڏانهن کڻي وڃڻ وارو هو، تنهن وقت الياس ۽ اليشع جِلجال شهر کان روانا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند ايلياہ کي هڪڙي واچوڙي ۾ مٿي آسمان ۾ کڻڻ وارو هو، تڏهن ايلياہ اليشع سان گڏجي جلجال ڏي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 2:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

حنُوڪ پنهنجي حياتي خدا جي رفاقت ۾ گذاريندو رهيو ۽ پوءِ جيئن تہ خدا هن کي کڻي ورتو، سو هو وري نظر نہ آيو.


هاڻ جڏهن آءٌ اوهان وٽان هليو ويندس تڏهن خبر ناهي تہ خداوند جو روح اوهان کي ڪيڏانهن کڻي وڃي. جيڪڏهن آءٌ اخي‌اب کي وڃي ٻڌايان ۽ هو اوهان کي لهي نہ سگھي تہ پوءِ هو مون کي مارائي ڇڏيندو. پر آءٌ اوهان جو خادم ننڍي هوندي کان خداپرست رهيو آهيان.


خداوند کيس چيو تہ ”ٻاهر نڪر ۽ جبل تي مون خداوند جي حضور ۾ هلي بيهہ. آءٌ خداوند اتان لنگھڻ وارو آهيان.“ انهيءَ ئي مهل سخت زوردار طوفان لڳڻ ڪري جبل ڦاٽي پيا ۽ ٽڪرَ ڀورا ڀورا ٿي ويا، پر خداوند طوفان ۾ ڪونہ هو. طوفان کان پوءِ زلزلو آيو، پر خداوند زلزلي ۾ بہ ڪونہ هو.


پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هليو ويو. اُتي هو لئيءَ جي هڪڙي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيو ۽ خدا کان پنهنجي مرڻ جي دعا گھريائين تہ ”اي خداوند! هاڻي بس، منهنجا ڏينهن پورا ڪر. آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر ناهيان جو نہ مران.“


ٻيو جيڪي ڪجھہ بادشاهہ اخزياہ ڪيو سو ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.


جيئن هو ڳالهائيندا ۽ هلندا ٿي هليا، تيئن اوچتو ئي اوچتو باهہ جي هڪڙي گاڏي ۽ باهہ جا گھوڙا ظاهر ٿيا، جن هنن ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو ۽ الياس هڪڙي واچوڙي ۾ آسمان ڏانهن کڄي ويو.


جڏهن اليشع جِلجال ۾ موٽي آيو تڏهن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار پيو هو. نبين جي هڪ ٽولي هن سان ملاقات ڪري رهي هئي. هن پنهنجي خدمتگار کي چيو تہ ”وڏي ديڳ کڻي چاڙهہ ۽ هنن لاءِ کاڌو تيار ڪري وٺ.“


تڏهن خداوند وڏي واچوڙي منجھان ايوب کي ورندي ڏيئي چيو تہ


جڏهن عيسيٰ جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجھا ٿيا، تڏهن هن يروشلم ڏانهن رخ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو.


اڃا هن ايترو مس چيو تہ هو انهن جي ڏسندي ئي آسمان ڏانهن کڄي ويو ۽ هڪڙي ڪڪر جي اوٽ ۾ سندن نظر کان غائب ٿي ويو.


ايمان جي ڪري ئي حنوڪ مٿي آسمان ڏانهن کنيو ويو، تہ جيئن موت کي نہ ڏسي. جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”هن جو ڪوبہ پتو ڪونہ پيو، ڇاڪاڻ تہ خدا مٿي کڻي ورتس.“ اهو هن ڪري ٿيو جو سندس کڄي وڃڻ کان اڳ هن بابت اها شاهدي ڏني ويئي هئي تہ ”هو خدا کي پسند آيو آهي.“


انهن ماڻهن پهرئين مهيني جي ڏهين تاريخ اردن درياءُ پار ڪري، يريحو شهر جي اوڀر واري سرحد تي جِلجال ۾ اچي منزل ڪئي.


پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ ”اڄ مون مصر جي غلاميءَ واري ملامت اوهان تان لاهي ڇڏي آهي.“ اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين انهيءَ هنڌ کي جِلجال جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.


ان وقت خدا جو پيغام ڏيندڙ انهن شاهدن آسمان مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن کين چيو تہ ”هيڏانهن مٿي اچو.“ تنهن تي اهي ٻيئي شاهد ڪڪر ۾ آسمان ڏانهن ويا ۽ دشمن کين ڏسندا رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ