Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 19:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ڌيان سان ٻڌ، آءٌ هنن ۾ هڪڙو افواهہ ڦهلائيندس جنهن جي ٻڌندي ئي شهنشاهہ پريشان ٿي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويندو. پوءِ اتي آءٌ کيس ڪنهن جي هٿان مارائي ڇڏيندس.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڏس، آءٌ هن ۾ هڪڙو روح وجهندس، ۽ هو هڪڙو افواهہ ٻڌندو ۽ موٽي پنهنجي ملڪ ڏانهن ويندو؛ ۽ آءٌ هن کي خود سندس ملڪ ۾ ترار سان ڪيرائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 19:7
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي انهيءَ بڪواس ۽ گستاخيءَ جي ڪري، آءٌ تنهنجي نڪ ۾ ناڪيلي، ۽ تنهنجي وات ۾ لغام وجھندس، ۽ جنهن رستي کان تون آيو آهين، ساڳي ئي رستي سان تو کي لوڌي روانو ڪندس.‘“


بلڪ جنهن رستي کان هو آيو هوندو، ساڳي ئي رستي کان هو موٽي ويندو ۽ شهر ۾ داخل ڪين ٿي سگھندو.


خداوند جي قدرت سان ارامين جي لشڪر گھوڙي گاڏين سميت هڪ وڏي لشڪر جي اچڻ جو آواز ٻڌو هو ۽ سمجھيو هئائون تہ ”حتين ۽ مصرين جي بادشاهن کي اسرائيل جي بادشاهہ ڀاڙي ڪيو آهي تہ اسان سان اچي وڙهن.“


تڏهن خداوند هڪڙو ملائڪ موڪليو جنهن اشور جي شهنشاهہ جي لشڪرگاهہ ۾ ڪيترن ئي جنگي جوڌن، سالارن ۽ عملدارن کي ماري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح اشور جو شهنشاهہ ڦڪو منهن کڻي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي هليو ويو. پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن هو پنهنجي معبود جي پوڄا گھر ۾ ويٺو هو تہ سندس ئي پٽن کيس تلوار سان ماري ڇڏيو.


دهشتناڪ آواز هنن جي ڪنن ۾ گونجندا ٿا رهن، سندن سک ۽ سانت جي ڏينهن ۾ ڦُرلٽ ڪرڻ وارا اچي مٿن ڪڙڪندا.


اهي خدا جي ڦوڪ سان چٽ ٿي وڃن ٿا، هائو، سندس غضبناڪ ڦوڪ سان اهي مريو کپيو وڃن.


هو بڇڙن ماڻهن تي ٻرندڙ ٽانڊا ۽ گندرف وسائيندو، ۽ جھولي جي گرم هوا سندن مقدر بڻبي.


اسان جو خدا اچي ٿو، هو ماٺ ڪري ڪين ويهندو. هن جي اڳيان ڀسم ڪندڙ باهہ آهي ۽ چوگرد وڏو طوفان اٿس.


هو انهن کي سندن بدڪارين جو بدلو ضرور ڏيندو، هائو، هو انهن کي سندن بڇڙائيءَ ۾ برباد ڪري ڇڏيندو. بيشڪ خداوند اسان جو خدا انهن کي فنا ڪري ڇڏيندو.


بلڪ هو سچائيءَ سان غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ دنيا جي لاچارن جي حقن جي حفاظت ڪندو. هن جي حڪم سان گنهگارن کي سزا ملندي. هائو، سندس چپن چورڻ سان بدڪار ماڻهو فنا ٿي ويندا.


اي ادوم وارؤ! خداوند مون يرمياہ کي ٻڌايو آهي تہ هن اوهان جي دشمن قومن ڏانهن ايلچي موڪليو آهي تہ اهي جنگ لاءِ اُٿي کڙا ٿين ۽ گڏ ٿي اوهان تي حملو ڪن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ياد رکو، بابل ملڪ ۽ ان جا سڀ رهاڪو جيڪي منهنجا مخالف آهن، تن تي آءٌ طوفاني هوا جيان تباهي مچائيندڙ لشڪر آڻڻ وارو آهيان.


هر سال مختلف افواهہ پيا هلندا آهن تہ ملڪ ۾ ظلم هلندو رهي ٿو، يا هڪڙو حاڪم ٻئي سان مقابلو ڪري ٿو. پر اوهين همت نہ هاريو، نہ وري ملڪ ۾ هليل انهن افواهن جي ڪري ڪو ڊپ ڪريو.


خداوند خدا ادوم جي قوم بابت عبدياہ نبيءَ جي معرفت هي پيغام ڏنو. قومن ڏانهن جيڪو ايلچي موڪليو ويو، تنهن جو اعلان خداوند جي طرفان هو. اهو اعلان اسان يهوداہ وارن بہ ٻڌو تہ ”اُٿي کڙا ٿيو ۽ ادوم وارن تي حملو ڪريو!“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ