Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 19:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن يسعياہ کين چيو تہ ”وڃي پنهنجي مالڪ کي خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ ’اشور جي شهنشاهہ جي ڇاڙتن منهنجي باري ۾ جيڪا بڪواس ڪئي آهي، تن ڳالهين جي ڪري تون نہ ڊڄ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ يسعياہ انهن کي چيو تہ اوهين پنهنجي ڌڻيءَ کي وڃي چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪي ڳالهيون تو ٻڌيون آهن، جن ۾ اسور جي بادشاهہ جي نوڪرن منهنجي نسبت ۾ ڪفر بڪيو آهي، تن کان تون نہ ڊڄ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 19:6
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بہ اشور جي شهنشاهہ پنهنجي سپهہ‌سالار اعليٰ، امير اعليٰ ۽ عملدار اعليٰ کي لڪيس شهر مان وڏو لشڪر ساڻ ڏيئي بادشاهہ حزقياہ ڏانهن يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو. هو روانا ٿي يروشلم شهر وٽ آيا. جڏهن هو اتي پهتا تڏهن مٿين ڍنڍ، جيڪا ڌوٻي گھاٽ جي شاهي رستي تي آهي، تنهن جي موريءَ تي اچي بيهي رهيا.


حزقياہ جي انهيءَ ڳالهہ تي يقين نہ ڪجو تہ اوهان جو خداوند اوهان کي ضرور ڇڏائيندو ۽ هي شهر اشور جي شهنشاهہ جي قبضي ۾ نہ ڏيئي ڇڏيندو.


انهن ملڪن جي سڀني معبودن مان ڪير آهي جنهن پنهنجو ملڪ منهنجي هٿن مان ڇڏايو؟ تہ پوءِ خداوند ڪيئن يروشلم کي منهنجي هٿن مان ڇڏائيندو؟‘“


خبر اٿيئي تہ اهو ڪير آهي جنهن بابت تو ڪفر بڪيو آهي، ۽ سندس خلاف بڪواس ڪئي اٿيئي؟ خبر اٿيئي تہ ڪنهن ڏانهن غرور سان اکيون کنيون اٿيئي؟ اهو آءٌ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان.


جڏهن عملدارن بادشاهہ حزقياہ جو اهو پيغام يسعياہ کي ٻڌايو،


اليشع کيس وراڻيو تہ ”ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيترا اسان سان آهن سي انهن کان وڌيڪ آهن جيترا هنن سان آهن.“


هو چوڻ لڳو تہ ”اي بادشاهہ يهوسفط! ۽ اي يروشلم وارو، بلڪ سڄي يهوداہ ملڪ جا رهاڪؤ! اوهين سڀ ٻڌو. خداوند فرمائي ٿو تہ ’اوهين بلڪل نہ ڊڄو، نڪي هن وڏي لشڪر کي ڏسي گھٻرايو، ڇاڪاڻ تہ جنگ جي فتح يا شڪست اوهان جي هٿ ۾ نہ، پر منهنجي هٿ ۾ ئي آهي.


هن جنگ ۾ اوهان کي وڙهڻ جي ضرورت نہ پوندي. اوهين رڳو صفون ٻڌي ثابت قدميءَ سان بيٺا رهو. اوهين ڏسندا تہ آءٌ خداوند اوهان کي فتح بخشيندس. اي يروشلم ۽ سڄي يهوداہ وارؤ! اوهين نہ ڊڄو، نڪي ڪو خوف ڪريو، بلڪ سڀاڻي هنن تي ڪاهي وڃو. آءٌ خداوند اوهان سان گڏ آهيان.‘“


اي خداوند! اها ڳالهہ نہ وسارج تہ دشمنن تو تي ٺٺوليون ڪيون آهن، هائو، انهيءَ نادان قوم تنهنجي نالي جي بي‌حرمتي ڪئي آهي.


هائو، پنهنجي دشمنن جي آواز کي نظرانداز نہ ڪر، انهيءَ هل هنگامي کي، جيڪو تنهنجا مخالف جاري رکيو ٿا اچن.


تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”ڊڄو نہ، بيٺا رهو ۽ خداوند جو ڇڏائڻ ڏسو جيڪو اڄ ئي اوھان لاءِ ٿيندو. اوهين جن مصرين کي اڄ ڏسي رهيا آهيو، تن کي وري ڪڏهن بہ ڪين ڏسندا.


هاڻي خداوند، قادرِمطلق خدا يهوداہ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! جيڪي صيئون جبل تي رهو ٿا، اوهين اشور وارن کان نہ ڊڄو، توڙي جو اهي لڪڻ يا لٺ سان اوهان تي ظلم ڪن، جيئن مصر وارا ڪندا هئا.


اي اوهين سڀ! جيڪي سچائيءَ واري رستي تي هلڻ ٿا چاهيو، ۽ جن منهنجي تعليم کي دل سان هنڊايو آهي، سي ڌيان ڏيئي ٻڌو. اوهين ماڻهن جي ملامت کان نہ گھٻرايو، نڪي انهن جي طعنن کان ڊڄو،


مون کين چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا، جنهن کان دعا گھرڻ لاءِ اوهان مون کي عرض ڪيو هو، سو فرمائي ٿو تہ


اڄ ئي منهنجو فرياد ٻڌ، ۽ ويجھو اچي مون کي دلاسو ڏيئي چئُہ تہ ”گھٻراءِ نہ.“


اوهان جا پنج ڄڻا سؤ ڄڻن جو پيڇو ڪندا ۽ اوهان جا سؤ ڄڻا ڏهن هزارن جو پيڇو ڪندا. اوهان جا دشمن اوهان جي اڳيان شڪست کائي ويندا.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن اوهين پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ نڪرو، تڏهن پاڻ کان وڌيڪ لشڪر، گھوڙا ۽ جنگي گاڏيون ڏسي ڊڄي نہ وڃجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان ساڻ آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.


تڏهن خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”هنن کان نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي هن ئي وقت آءٌ انهن سڀني کي بني اسرائيل جي هٿن ۾ ڏيئي کين مارائي ڇڏيندس. تون هنن جي گھوڙن کي جڏو ڪري ڇڏجانءِ ۽ سندن گاڏيون ساڙي ڇڏجانءِ.“


سو هن پنهنجو وات کوليو ۽ خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳو. هائو، هو خدا جي نالي ۽ سندس عرش عظيم جي خلاف ۽ اتي رهڻ وارن جي خلاف ڪفر بڪندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ