2.بادشاهَہ 19:4 - Muslim Sindhi Bible4 اشور جي شهنشاهہ پنهنجو عملدار اعليٰ موڪليو آهي جيڪو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible4 من خداوند تنهنجو خدا ربشاقيءَ جون سڀ ڳالهيون ٻڌي، جنهن کي سندس ڌڻيءَ اسور جي بادشاهہ موڪليو آهي تہ جيئري خدا کي ملامت ڪري، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند تنهنجي خدا ٻڌيون آهن تن بابت هو ڇڙٻي: تنهنڪري باقي جيڪي بچيا آهن، تن جي حق ۾ دعا گهر. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تو پنهنجي قاصدن هٿان مون پروردگار جي توهين ڪرائي آهي. تو ٻٽاڪ هڻي چوايو آهي تہ ”آءٌ پنهنجي بيشمار جنگي گھوڙي گاڏين سان لبنان جي جبلن جي چوٽين بلڪ لبنان جي آخر تائين اچي پهتو آهيان. هائو، آءٌ لبنان جي ٻيلي منجھہ اندرين ڀاڱن تائين اچي پهتو آهيان، جتي مون انهيءَ ٻيلي جا ديال ۽ صنوبر جا ڊگھا ۽ عمدا وڻ وڍي ڇڏيا آهن.