Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 19:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هنن وڃي يسعياہ کي حزقياہ جو هي پيغام ڏيئي چيو تہ ”اڄوڪو ڏينهن اسان لاءِ مصيبت، ملامت ۽ خواريءَ ڀريو ڏينهن آهي. اسان ان عورت مثل آهيون جيڪا ٻار ڄڻڻ واري آهي، پر ڪمزوريءَ سبب ڄڻي نہ ٿي سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ انهن وڃي هن کي چيو تہ حزقياہ هيئن ٿو چوي تہ اڄوڪو ڏينهن مصيبت جو، ۽ طعني جو، ۽ ڌڪار جو آهي: ڇالاءِ جو ٻار ڄمڻ تي آيا آهن پر انهن کي ڄڻڻ جي طاقت ڪانہ رهي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 19:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

حزقياہ جي دوکي ۾ نہ اچو. هو اوهان کي اسان جي هٿن مان ڇڏائي نہ سگھندو.


هن محل جي منتظم الياقيم، شبناہ شاهي محرر ۽ وڏن ڪاهنن کي کٿا ڍڪائي آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ ڏانهن موڪليو.


اشور جي شهنشاهہ پنهنجو عملدار اعليٰ موڪليو آهي جيڪو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“


جڏهن تون بڇڙائيءَ تي ڇينڀي انسانن کي سيکت ڏين ٿو، تڏهن جيئن ڪينئان ماس کائي چٽ ڪري ڇڏيندا آهن، تيئن تون سندن پيارين شين کي ڳاري ساڙي ٿو ڇڏين. بيشڪ هر انسان رڳو ٻاڦ مثل آهي.


”اوهين ضد نہ ڪريو، جيئن اوهان جي وڏن مريباہ ۾ ڪيو هو، ۽ جيئن مساہ نالي جاءِ تي هنن بيابان ۾ ڪيو هو.


ڇا آءٌ ويم جا سور پيدا ڪري ٻار پيدا ٿيڻ نہ ڏيان؟ هائو، ڇا آءٌ پنهنجي قوم کي نئين سر پيدا ٿيڻ جي مرحلي تي آڻي کين سندن ملڪ ۾ قائم نہ ڪريان؟ اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“


ڪوبہ ٻار ويم جي وقت پيٽ مان ٻاهر نڪرڻ کان انڪار نہ ٿو ڪري، پر اسرائيل وارا ايترا تہ نادان آهن، جو هو گناهن کان ٻاهر نڪري زندهہ رهڻ نہ ٿا چاهين.


پوءِ آءٌ انهن کي ڇڏي پنهنجي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويندس، ايستائين جو هو پنهنجا ڏوهہ نہ قبولين ۽ منهنجا طالبو نہ ٿين، ۽ مصيبت واري انهيءَ وقت ۾ دل وَ جان سان مون کان ئي مدد طلب نہ ڪن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ