Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 18:9 - Muslim Sindhi Bible

9 بادشاهہ حزقياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال، جيڪو اسرائيل جي بادشاهہ هوسيع ولد ايلہ جي بادشاهيءَ جو ستون سال هو، تنهن ۾ اشور جو شهنشاهہ سلمنيسر اسرائيل ملڪ تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ سامريہ شهر کي اچي گھيرو ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ بادشاهہ حزقياہ جو چوٿون سال، جو اسرائيل جي بادشاهہ هوسيع بن ايلہ جو ستون سال هو، تنهن ۾ هيئن ٿيو تہ اسور جو بادشاهہ سلمنسر سامريہ تي چڙهي آيو ۽ انهيءَ کي گهيرو ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 18:9
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسرائيل جي بادشاهہ هوسيع ولد ايلہ جي بادشاهيءَ جي ٽئين سال حزقياہ ولد آخز يهوداہ جو بادشاهہ ٿيو.


جيستائين آءٌ نہ اچان. آءٌ اوهان کي وٺي اوهان جي ئي ملڪ جهڙي انهيءَ ملڪ ۾ آباد ڪندس جتي اناج ۽ مئي آهي، ماني ۽ انگور آهن، زيتون جو تيل ۽ ماکي آهي. سو منهنجي ڳالهہ مڃيندا تہ مرڻ کان بچي ويندا.


بني اسرائيل وارا ڀٽڪيل رڍن جي ڌڻ وانگر آهن، جنهن جو پيڇو ڪري شينهن کيس ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي. پهريائين اشور جو شهنشاهہ بني اسرائيل کي ڳڙڪائي ويو ۽ بعد ۾ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر انهن جا هڏا بہ چٻاڙي ڇڏيا.


سو هاڻي اوهان جي قوم تي جنگ اچي ڪڙڪندي، ۽ اوهان جا سڀ قلعا ڊاهي ناس ڪيا ويندا، جهڙيءَ طرح بادشاهہ شلمن جي ڏينهن ۾ بيت‌اربيل کي جنگ ۾ برباد ڪيو ويو هو. انهيءَ جنگ ۾ مائرن کي ٻارن سميت اڇلائي ماريو ويو هو.


تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ سامريہ شهر کي برباد ڪري ڀترن جا ڍير بڻائي ڇڏيندس، جتي رڳو انگورن جون وليون پوکي سگھجن. آءٌ انهيءَ جا ڀتر ماٿريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيندس، ايتري قدر جو شهر جي جاين جا بنياد ڏسڻ ۾ ايندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ