Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 18:8 - Muslim Sindhi Bible

8 هن فلستين جي هر ننڍڙي ڳوٺ کان وٺي وڏي شهر تائين يعني هر هنڌ، ويندي ڏکڻ طرف غزہ شهر ۽ ان جي آس‌پاس وارن علائقن تائين سندن ٺڪاڻن تي حملا ڪري کين شڪست ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 هن فلستين کي غزہ تائين، ۽ ان جي سرحد تائين، پهري واري جي ٺلهہ کان وٺي ڪوٽ واري شهر تائين شڪست ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 18:8
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هاڻ خداوند منهنجي خدا مون کي هر ڪنهن پاسي کان سڪون ڏنو آهي ۽ منهنجو ڪوبہ مخالف ڪونهي ۽ نہ ڪنهن مصيبت جو مارو آهي.


اسرائيل وارن ڳجھہ ڳوهہ ۾ اهڙا ڪم ڪيا جيڪي خداوند سندن خدا جي نظر ۾ چڱا نہ هئا. هنن پنهنجن سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ يعني هر هنڌ غير معبودن جا پوڄا گھر ٺاهيا.


شمعون قبيلي جي انهن ماڻهن يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ اچي بني حام ۽ معونين تي حملو ڪيو ۽ کين رهائش‌گاهن سميت تباهہ ڪري ڇڏيو. پوءِ هو انهن جي جاءِ تي آباد ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ اتي سندن ڌڻن لاءِ چارو موجود هو. اڄوڪي ڏينهن تائين اتي بني حام ۽ معونين جو ڪو نالو نشان ڪونہ آهي.


هن چراگاهن ۾ پڻ ٺُلهَہ ٺهرايا ۽ اتي گھڻا ئي کوهہ کوٽايائين، ڇاڪاڻ تہ اولهہ وارن هيٺاهن علائقن ۽ ميدانن ۾ وٽس گھڻو چوپايو مال هو. جيئن تہ هن کي زراعت سان گھڻو چاهہ هو، تنهنڪري جابلو علائقن ۾ توڙي پوکيءَ لائق زمين ۾ انگورن جا باغ لڳائڻ ۽ پوک ڪرڻ تي هن ڪڙمي بيهاريا.


فلستين پڻ هيٺاهين زمين وارن شهرن تي ۽ يهوداہ جي ڏکڻ وارن شهرن تي ڪاهہ ڪئي. هنن بيت‌شمس، ايالون ۽ جديروت شهرن تي ۽ آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت شوڪہ، تمنہ ۽ جِمزو شهرن تي قبضو ڪري ورتو ۽ اتي آباد ٿي ويا.


”اي فلستيءَ جا رهاڪؤ! اوهين سڀيئي انهيءَ ڳالهہ تي خوش نہ ٿيو تہ اوهان کي مار ڏيڻ وارو دشمن ختم ٿي ويو آهي. يا کڻي ائين چئجي تہ جيتوڻيڪ نانگ تہ مري ٿو وڃي، تہ بہ انهيءَ جي نسل مان وري ڪاريهر نانگ ٿو نڪري، جنهن مان وري باهہ جا اُلا ڪڍندڙ هڪڙي اُڏامندڙ ازدها بلا پيدا ٿئي ٿي.


هن ٽڪريءَ کي کيڙيو، ۽ انهيءَ جا پٿر ڪڍي زمين صاف ڪيائين. اتي هن انگورن جون عمديون وليون لڳايون، جنهن جي پهري لاءِ هن هڪ ٺُلهہ بہ ٺهرايو. هن اتي رس ڪڍڻ جو هڪڙو چيچڙو بہ بڻايو. پوءِ هو انتظار ڪرڻ لڳو تہ باغ ۾ عمدا انگور ٿين. پر انهيءَ ۾ رڳو کٽا انگور پيدا ٿيا.


ساڳيءَ طرح ڪريت ٻيٽ مان آيل ڪريتي، ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري غزہ تائين پنهنجن ڳوٺن ۾ رهندڙ اَوين کي ماري پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا.


اشدود ۽ غزہ ۽ آس‌پاس وارا ننڍا شهر ۽ ڳوٺ جيڪي مصر جي سرحد واري برساتي نهر جي ڪناري ۽ ڀُونوِچ سمنڊ جي ڪناري تائين هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ