2.بادشاهَہ 18:5 - Muslim Sindhi Bible5 حزقياہ جو يقين خداوند، بني اسرائيل جي خدا تي ئي هو. هن کان اڳ ۾ يا هن کان پوءِ يهوداہ جو ڪوبہ اهڙو وفادار بادشاهہ نہ ٿيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 هن خداوند اسرائيل جي خدا تي ڀروسو رکيو؛ جنهنڪري هن کان پوءِ يهوداہ جي سڀني بادشاهن ۾، توڙي هن کان اڳي ٻيو هن جهڙو ڪونہ هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ آسا خداوند پنهنجي خدا کي پڪاريندي چيو تہ ”اي خداوند! تنهنجي اڳيان طاقتور ۽ ڪمزور جي وچ ۾ ڪو فرق ڪونهي. سوڀ ڏيڻ وارو تون ئي آهين. سو اي خداوند، اسان جا خدا! اسان جي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اسان جو ڀروسو تو تي آهي ۽ تنهنجو ئي نالو وٺي اسين هن وڏي لشڪر سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي آيا آهيون. اي خداوند! تون ئي اسان جو خدا آهين. ائين نہ ٿئي جو اسين شڪست کائون، ڇاڪاڻ تہ اها شڪست تنهنجي ئي ٿيندي.“
اعليٰ عملدار انهن ماڻهن کي وڌيڪ چيو تہ ”پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ ’اسان جو ڀروسو خداوند پنهنجي خدا تي آهي،‘ تہ پوءِ هو اهو ساڳيو معبود نہ آهي ڇا جنهن جون عبادتگاهون ۽ قربانگاهون حزقياہ ختم ڪرائي ڇڏيون؟ بلڪ هن يروشلم وارن توڙي سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربانگاهہ تي قربانيون چاڙهيو.‘