Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 18:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هن ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر ڊهرائي ڇڏيا ۽ سڀيئي ٿنڀي جيان کوڙيل بت يسيرہ ديويءَ وارن بتن سميت ڪيرائي ۽ ڀڃرائي ڇڏيائين. هن موسيٰ جي ٺاهيل انهيءَ پيتلي نانگ کي بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو، جنهن کي نحشتان سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ تہ ان وقت تائين بني اسرائيل انهيءَ آڏو ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 هن مٿانهيون جايون ڪڍي ڇڏيون ۽ ٿنڀ ڀڃائي ۽ يسيرت وڍائي ڇڏيا: ۽ جيڪو پتل جو نانگ موسيٰ جوڙيو هو، سو هن ڀڃائي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو؛ ڇالاءِ جو انهن ڏينهن تائين بني اسرائيل انهيءَ لاءِ لوبان ساڙيندا هئا؛ ۽ هن انهيءَ جو نالو نحشتان رکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 18:4
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن پنهنجي پيءُ آسا وانگر اُهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا. انهيءَ هوندي بہ غير معبودن وارا پوڄا گھر ڪونہ ڊهرايائين. سو ماڻهو اتي اڃان تائين قربانيون پيش ڪندا رهيا ۽ لوبان ساڙيندا رهيا.


هو اتان ٿنڀي جيان کوڙيل بت کڻي آيا ۽ ان کي ساڙي ڇڏيائون.


تنهن کان پوءِ سڀيئي ماڻهو بعل ديوتا جي پوڄا گھر ڏانهن ويا ۽ ان کي ڊاهي ڇڏيائون. انهيءَ جون سڀيئي قربان‌گاهون ۽ سندس مورتيون بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائون ۽ بعل ديوتا جي متان نالي مذهبي اڳواڻ کي اتي ئي قربان‌گاهن جي اڳيان ماري ڇڏيائون. پوءِ يهويدع ڪاهن خداوند جي هيڪل تي پهريدار مقرر ڪيا.


انهيءَ هوندي بہ غير معبودن جا سمورا پوڄا گھر ڪين ڊاٺا ويا. ماڻهو اڃا بہ اتي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.


هن جي ڏينهن ۾ غير معبودن جا پوڄا گھر ڪونہ ڊاٺا ويا. ماڻهو اڃا بہ اتي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.


انهيءَ هوندي بہ غير معبودن جا پوڄا گھر نہ ڊاٺا ويا ۽ ماڻهو اڃا بہ اتي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا. يوتام خداوند جي گھر جو مٿيون دروازو ٺهرايو.


انهيءَ هوندي بہ غير معبودن جي پوڄا گھرن کي ڪين ڊاٺو ويو. ماڻهو اڃا بہ اتي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.


پوءِ بادشاهہ آخز اورياہ ڪاهن کي حڪم ڏنو تہ ”نئين وڏي قربان‌گاهہ تي مون بادشاهہ جي ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن جي صبح جو ساڙڻ واري قرباني ۽ شام جو اناج جي قرباني پيش ڪندو ڪر. ان کان علاوہ ماڻهن جي اوتڻ واري قرباني بہ پيش ڪندو ڪر. ساڙڻ وارين قربانين بلڪ سڀني جانورن وارين قربانين جو سمورو رت قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريندو ڪر. پر پتل واري قربان‌گاهہ خدا کان منهنجي سوال پڇڻ لاءِ رڳو مون لاءِ ڇڏي ڏي.“


عملدار اعليٰ وڌيڪ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ ’اسان جو ڀروسو خداوند پنهنجي خدا تي آهي،‘ تہ پوءِ هو اهو ساڳيو معبود نہ آهي ڇا جنهن جون عبادت‌گاهون ۽ قربان‌گاهون حزقياہ ختم ڪرائي ڇڏيون؟ بلڪ هن يروشلم وارن توڙي سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربان‌گاهہ تي قربانيون چاڙهيو.‘


هن اهي ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن وارا پوڄا گھر وري تعمير ڪرايا، جيڪي سندس پيءُ حزقياہ ڊاهي ڇڏيا هئا. هن بعل ديوتا لاءِ پڻ قربان‌گاهون ٺهرايون ۽ يسيرہ ديويءَ جو هڪڙو ٿنڀو بہ ٺهرايائين، جهڙيءَ طرح اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب ڪيو هو. هن آسماني سيارن ۽ ستارن جي پوڄا بہ ڪئي.


يوسياہ بتن جا کوڙيل پٿر ڀورا ڀورا ڪرائي ڇڏيا ۽ يسيرہ ديويءَ وارا ٿنڀي جيان کوڙيل بت ڀڃرائي ڪيرائي ڇڏيائين ۽ انهن جون جايون مري ويلن جي هڏن سان ڀرائي ڇڏيائين.


تڏهن يوسياہ بادشاهہ سردار ڪاهن خلقياہ، نائب ڪاهنن ۽ دربانن کي حڪم ڏنو تہ ”خداوند جي هيڪل مان اهي سڀ شيون ٻاهر ڪڍيون وڃن، جيڪي بعل ديوتائن، يسيرہ ديويءَ ۽ آسماني ستارن جي لاءِ جوڙايون ويون هيون.“ پوءِ بادشاهہ اهي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر وٽ ساڙائي ڇڏيون ۽ انهن جي رک بيت‌ايل ڏانهن موڪلي ڇڏي.


انهيءَ هوندي بہ تو ۾ ڪي ڳالهيون چڱيون آهن جو تو هن ملڪ مان يسيرہ ديويءَ نالي ٿنڀن کي ڊاهي چٽ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ماڻهو پوڄا ڪندا هئا. انهيءَ کان علاوہ تو خداوند جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.“


جڏهن جشن پورو ٿيو، تڏهن اتي جيڪي ماڻهو آيا هئا سي سڀ نڪري يهوداہ جي ٻين شهرن ڏانهن ويا ۽ سڀيئي ٿنڀي جيان بت، يسيرہ ديويءَ وارن ٿنڀي جيان کوڙيل بتن سميت ڀڃي ڪيرائي ڇڏيائون. هنن يهوداہ ۾، بنيامين جي علائقي ۾، بلڪ افرائيم ۽ منسيءَ جي علائقن ۾ بہ ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر ۽ قربان‌گاهون تباهہ ڪري ڇڏيون. تنهن کان پوءِ اهي ماڻهو پنهنجي پنهنجي شهرن ۽ پنهنجي پنهنجي گھرن ڏانهن موٽي ويا.


هن ٽڪرين تي ٺهيل اهي غير معبودن وارا پوڄا گھر وري تعمير ڪرايا جيڪي سندس پيءُ حزقياہ ڊهرائي ڇڏيا هئا. هن بعل ديوتائن لاءِ قربان‌گاهون ۽ يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا بہ ٺهرايا ۽ آسماني سيارن ۽ ستارن جي پوڄا ڪندي کين سجدو ڪيائين.


هنن پنهنجي بت‌خانن جي ڪري سندس غصي کي ڀڙڪايو. هائو، پنهنجي تراشيل مورتين جي ڪري کيس غيرت ڏياريائون.


اوهين انهن جي معبودن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، نڪي انهن جهڙا ڪم ڪريو، بلڪ اوهين انهن کي اصل ڊاهي ڇڏيو ۽ انهن جا ٿنڀي جيان کوڙيل پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو.


بلڪ اوهين هنن جي قربان‌گاهن کي ڊاهي ڇڏجو، هنن جا ٿنڀي جيان کوڙيل پوڄا وارا پٿر ڪيرائي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏجو ۽ هنن جون يسيرہ نالي مورتيون وڍي ڇڏجو.


اعليٰ عملدار انهن ماڻهن کي وڌيڪ چيو تہ ”پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ ’اسان جو ڀروسو خداوند پنهنجي خدا تي آهي،‘ تہ پوءِ هو اهو ساڳيو معبود نہ آهي ڇا جنهن جون عبادت‌گاهون ۽ قربان‌گاهون حزقياہ ختم ڪرائي ڇڏيون؟ بلڪ هن يروشلم وارن توڙي سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربان‌گاهہ تي قربانيون چاڙهيو.‘


آءٌ ٽڪر تي ٺهيل اوهان جي غير معبودن وارا پوڄا گھر ڊاهي ڇڏيندس ۽ اوهان جون لوبان واريون قربان‌گاهون ڀڃي ڪيرائي ڇڏيندس. اوهان جا لاش آءٌ اوهان جي بي‌جان معبودن مٿان اڇلائي ڍير ڪندس. مون کي اوهان کان سخت نفرت ٿي ويندي.


انهيءَ وقت آءٌ خداوند ۽ اوهان جي وچ ۾ بيٺو هئس، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو فرمان اوهان کي ٻڌايان، ڇو تہ اوهين باهہ جي ڪري ڊڄي ويا ۽ جبل تي نہ چڙهيا. تڏهن خداوند فرمايو تہ


اٽلندو اوهين هنن سان هيءَ هلت ڪجو جو سندن قربان‌گاهون ڊاهي ڇڏجو، هنن جا پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏجو. هنن جا يسيرہ ديويءَ نالي وارا ٿنڀي جيان کوڙيل بت ڪيرائي ڇڏجو ۽ سندن تراشيل مورتيون ساڙي ڇڏجو.


انهيءَ ئي رات خداوند جِدعون کي چيو تہ ”پنهنجي پيءُ جو اُهو ٻيو ڏاند جيڪو ستن سالن جو آهي سو ڪاهي وڃ. تنهنجي پيءُ جي جيڪا بعل ديوتا واري قربان‌گاهہ آهي سا ڊاهي ڇڏ ۽ انهيءَ جي پاسي واري يسيرہ مورتيءَ واري ٿنڀي کي وڍي ڪيرائي ڇڏ.


صبح جو سوير جڏهن شهر جا ماڻهو اٿيا تڏهن ڇا ڏٺائون تہ بعل ديوتا جي قربان‌گاهہ ڊٺي پيئي آهي ۽ ان جي پاسي وارو يسيرہ مورتيءَ جو ٿنڀو وڍيو ويو آهي ۽ هڪڙي نئين ٺهيل قربان‌گاهہ تي ڏاند قرباني ٿيل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ