Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 18:30 - Muslim Sindhi Bible

30 حزقياہ جي انهيءَ ڳالهہ تي يقين نہ ڪجو تہ اوهان جو خداوند اوهان کي ضرور ڇڏائيندو ۽ هي شهر اشور جي شهنشاهہ جي قبضي ۾ نہ ڏيئي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 حزقياہ جي انهيءَ چوڻ تي خداوند تي ڀروسو متان رکو تہ خداوند ضرور اوهان کي بچائيندو، ۽ هي شهر اسور جي بادشاهہ جي قبضي ۾ ڏيئي نہ ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 18:30
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

حزقياہ جي دوکي ۾ نہ اچو. هو اوهان کي اسان جي هٿن مان ڇڏائي نہ سگھندو.


حزقياہ ڏانهن ڌيان نہ ڏيو. اشور جو شهنشاهہ اوهان کي چوي ٿو تہ ’پنهنجي شهر مان نڪري اچي مون وٽ پيش پئو. اوهان مان هر ڪنهن کي اها اجازت هوندي تہ هو ايستائين پنهنجي ئي انگورن جي ول مان انگور کائي، پنهنجي ئي انجير جي وڻ مان انجير کائي ۽ پنهنجي ئي کوهہ مان پاڻي پيئي،


”جنهن خدا ۾ تون ڀروسو ٿو رکين سو تو کي ائين چئي دوکي ۾ ٿو رکي تہ تنهنجو يروشلم شهر مون اشور جي شهنشاهہ جي هٿن ۾ نہ ڏنو ويندو.


خبر اٿيئي تہ اهو ڪير آهي جنهن بابت تو ڪفر بڪيو آهي، ۽ سندس خلاف بڪواس ڪئي اٿيئي؟ خبر اٿيئي تہ ڪنهن ڏانهن غرور سان اکيون کنيون اٿيئي؟ اهو آءٌ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان.


تڏهن يسعياہ کين چيو تہ ”وڃي پنهنجي مالڪ کي خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ ’اشور جي شهنشاهہ جي ڇاڙتن منهنجي باري ۾ جيڪا بڪواس ڪئي آهي، تن ڳالهين جي ڪري تون نہ ڊڄ.


آءٌ خداوند جي پناهہ ۾ آهيان، پوءِ اوهين مون کي هيئن ڇو ٿا چئو تہ ”تون پکيءَ وانگر جبل تي اڏامي وڃ.“


پر اي خداوند! تون ئي تہ چئني طرفن کان منهنجي حفاظت ڪندڙ آهين. تون ئي تہ منهنجو اهو شان آهين، جيڪو مون کي سرفراز ٿو ڪرين.


اي فاني انسانؤ! اوهين ڪيستائين پيا منهنجي بدنامي ڪندا؟ ڪيستائين اوهين بيهودگي پيا چاهيندا؟ ۽ ڪوڙ جي پٺيان هوندا؟


هاڻ جڏهن آءٌ ماضيءَ کي ياد ٿو ڪريان تہ منهنجي دل روئڻ لاءِ ڀرجي اچي ٿي. ڪيئن نہ انبوہ سان گڏ سندن اڳواڻي ڪندي آءٌ تو خدا جي گھر ايندو هئس، هائو، عيد ملهائيندڙ انبوہ سان گڏ خوشيون ڪندي ۽ واکاڻ ڳائيندي.


اهي هيئن چون ٿا تہ ”خدا هن کي ڇڏي ڏنو آهي. سو هن جي پٺيان پئي کيس پڪڙيو، ڇوجو کيس ڇڏائڻ وارو ڪوئي ڪونهي.“


مون کي ٻڍاپي جي وقت تي تون ڇڏي نہ ڏج. هائو، انهيءَ هيڻائيءَ جي وقت مون کي وساري نہ ڇڏج.


هو خدا تي ڀروسو رکي ٿو. هاڻي ڏسون تہ خدا هن کي ڪيئن ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ هو چوي پيو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آهيان.‘“


ماڻهن بيٺي ڏٺو. تڏهن يهودين جي اڳواڻن مٿس ٺٺوليون ڪندي چيو تہ ”هون، ٻين کي ٿي بچايائين. جيڪڏهن هي خدا جو مسيح ۽ سندس مخصوص ڪيل آهي تہ هاڻي پاڻ کي تہ بچائي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ