2.بادشاهَہ 18:23 - Muslim Sindhi Bible23 سو هاڻ آءٌ پنهنجي مالڪ اشور جي شهنشاهہ طرفان تو سان هڪ شرط ٿو رکان تہ آءٌ تو کي ٻہ هزار گھوڙا ڏيندس، پر انهيءَ شرط سان تہ تو وٽ انهن تي سواري ڪرڻ لاءِ ماڻهو بہ هجن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible23 تنهنڪري هاڻي آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي ڌڻيءَ اسور جي بادشاهہ سان عهد ڪر، ۽ آءٌ توکي ٻہ هزار گهوڙا ڏيندس، بشرطيڪ تون اهو ذمو کڻندين تہ انهن تي سوار چاڙهي سگهندين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
عملدار اعليٰ وڌيڪ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ ’اسان جو ڀروسو خداوند پنهنجي خدا تي آهي،‘ تہ پوءِ هو اهو ساڳيو معبود نہ آهي ڇا جنهن جون عبادتگاهون ۽ قربانگاهون حزقياہ ختم ڪرائي ڇڏيون؟ بلڪ هن يروشلم وارن توڙي سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربانگاهہ تي قربانيون چاڙهيو.‘