Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 18:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اشور جو شهنشاهہ اسرائيل وارن کي قيد ڪري اشور ملڪ ڏانهن وٺي ويو. هن انهن مان ڪن کي خلح شهر ۾، ڪن کي جوزان علائقي واري خابور نديءَ جي ويجھو، تہ ڪن کي مادئين جي شهرن ۾ آباد ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ اسور جو بادشاهہ اسرائيل کي قيد ڪري اسور ۾ وٺي ويو ۽ اُتي جوزان نديءَ جي ڪناري تي، خلح ۽ خابور ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ هنن کي رکيائين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 18:11
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فقحہ جي ڏينهن ۾ اشور جو شهنشاهہ تِگلت پلاسر اسرائيل ملڪ تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ عيون، ابيل بيت‌معڪہ، ينوحاہ، قادس ۽ حصور شهر، جِلعاد جو علائقو، گليل ڍنڍ جي آس‌پاس وارو علائقو ۽ نفتاليءَ جو سڄو علائقو قبضي هيٺ ڪيائين ۽ هو ماڻهن کي پڻ قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو.


هوسيع جي بادشاهيءَ جي نائين سال اندر، اشور جي شهنشاهہ سامريہ تي قبضو ڪري ورتو ۽ اسرائيل وارن کي قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو. هن انهن مان ڪن کي خلح شهر ۾ تہ ڪن کي جوزان علائقي جي خابور نديءَ ويجھو ۽ ڪن کي مادئين جي شهرن ۾ آباد ڪيو.


بيشڪ، تو کي معلوم آهي تہ اسان اشور وارن سڀني ملڪن سان ڇا ڇا ڪيو آهي ۽ ڪيئن نہ کين برباد ڪيو اٿئون. تہ پوءِ ڇا تون بچي سگھندين؟


جيڪو ملڪ مون هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن مان وري ڪڏهن بہ آءٌ بني اسرائيل کي نہ ٿيڙيندس، بشرطيڪ جيڪي حڪم مون کين ڏنا آهن ۽ جيڪا منهنجي شريعت منهنجي ٻانهي موسيٰ کين ڏني آهي تن تي هو عمل ڪندا رهن.“


سو خداوند چيو تہ ”جيئن مون اسرائيل وارن کي پنهنجي حضور مان ڪڍي ڇڏيو، تيئن يهوداہ وارن کي بہ ڪڍي ڇڏيندس. هي شهر يروشلم جنهن کي مون چونڊيو هو ۽ هيءَ هيڪل جنهن بابت مون چيو هو تہ انهيءَ تي منهنجو نالو رکيو ويندو، تن ٻنهي کي آءٌ ڌڪاري ڇڏيندس.“


سو بني اسرائيل جي خدا، اشور جي شهنشاهہ تِگلت پلاسر عرف پول کي کڙو ڪيو، جنهن وڃي هنن تي قبضو ڪيو. هن روبين، جدين ۽ منسيءَ جي اڀريندي واري اڌ قبيلي کي جلاوطن ڪري خلح ۽ هارا شهرن ۾ ۽ جوزان علائقي جي خابور نديءَ ويجھو آباد ڪيو، جتي هو اڄ ڏينهن تائين رهيا پيا آهن.


تڏهن بہ ڪيترن ئي سالن تائين تو کين برداشت ڪيو، ۽ پنهنجي نبين جي معرفت کين پنهنجي روح جي وسيلي نصيحتون ڪندو رهئين. تنهن هوندي بہ جڏهن هنن ڪو توجھہ نہ ڏنو، تڏهن تو هنن کي آس‌پاس وارين قومن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


سو جهڙو حشر مون سامريہ ۽ ان جي بتن جو ڪيو، تهڙو ئي حشر آءٌ يروشلم ۽ ان جي بتن جو ڪندس.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي اشور قوم لاءِ! جيڪا منهنجي لٺ مثل آهي، جنهن سان آءٌ انهن کي سزا ٿو ڏيان جن تي آءٌ ڪاوڙ ٿو ڪريان.


تڏهن اشور جي شهنشاهہ پنهنجي اعليٰ عملدار کي هڪڙي وڏي لشڪر سان لڪيس شهر کان يروشلم ڏانهن موڪليو تہ هو حزقياہ بادشاهہ کي پيش پوڻ لاءِ چوي. هو اوڏانهن ويو ۽ ڌوٻي گھاٽ واري شاهي رستي تي مٿئين تلاءَ جي موريءَ وٽ اچي بيٺو.


جڏهن منهنجي ابن ڏاڏن تلسار منجھہ رهندڙ بني عدن ۽ جوزان، هاران ۽ رصف شهرن کي ناس ڪري ڇڏيو تڏهن سندن معبود کين ڪو بچائي سگھيا ڇا؟


ڇاڪاڻ تہ ارام ملڪ جي طاقت ان جي شهر دمشق کان وڌيڪ ناهي، ۽ دمشق جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ رضين ۾ آهي. ساڳيءَ طرح اسرائيل ملڪ جي طاقت ان جي شهر سامريہ کان وڌيڪ ناهي، ۽ سامريہ جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ فقحہ ۾ آهي. جڏهن تہ پنجهٺ سالن اندر اسرائيل وارا ڀڄي اهڙا تہ ڀورا ڀورا ٿيندا، جو هڪڙي قوم ٿي نہ رهندا. پر اي آخز بادشاهہ! جيڪڏهن مون سان تنهنجي وفاداري قائم نہ رهي، تہ تون پاڻ بہ قائم نہ رهندين.‘“


انهيءَ سبب جو اهو ٻار بابا ۽ امان چوڻ سکي، تنهن کان اڳ اشور جو شهنشاهہ اوهان جي دشمنن يعني دمشق ۽ سامريہ وارن تي حملو ڪري اتان جو مال ملڪيت لٽي ڦري پاڻ سان کڻي ويندو.“


اوهين خداوند جي چونڊيل ملڪ ۾ رهي نہ سگھندا، اوهان مان ڪي مصر ڏانهن واپس هليا ويندا، تہ ڪن کي وري اشور ملڪ ۾ حرام کاڌو کائڻو پوندو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”اسرائيل ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ مسڪين قرضدار جنهن جو ٻيو ڪو ڏوهہ ڪونهي، تنهن کي هو چانديءَ جي چند سڪن جي عيوض، بلڪ خسيس جتيءَ جي جوڙي جي عيوض وڪڻن ٿا.


سو اي اسرائيل وارؤ! اوهين خداوند جا طالبو ٿيو تہ جيئن جيئرا رهي سگھو. جيڪڏهن اوهين ائين نہ ڪندا تہ هو بيت‌ايل بلڪ اوهان جي سڄي ملڪ ۾ باهہ وانگر ڪاهي پوندو، ۽ اوهان کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندو. ڪوبہ انهيءَ باهہ کي وسائي نہ سگھندو.


پر اوهان مولڪ ديوتا جو خيمو، ۽ رفان ديوتا جي ستاري جي مورتي پاڻ سان کنيو پئي وتيا، جيڪي اوهان پوڄا ڪرڻ لاءِ ٺاهيا هئا. هاڻي آءٌ اوهان کي بابل کان بہ پري ڪڍي ڇڏيندس.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ