2.بادشاهَہ 18:10 - Muslim Sindhi Bible10 ٽن سالن کان پوءِ حزقياہ جي بادشاهيءَ جي ڇهين سال، جيڪو اسرائيل جي بادشاهہ هوسيع جي بادشاهيءَ جو نائون سال هو، سامريہ شهر اشورين جي قبضي هيٺ اچي ويو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 ۽ ٽن ورهين کان پوءِ اهو ورتائين: يعني حزقياہ جو ڇهون سال، جو اسرائيل جي بادشاهہ هوسيع جو نائون سال هو، تنهن ۾ هن سامريہ ورتو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي يروشلم وارؤ! اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو اوهان اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ عمري ۽ سندس پٽ بادشاهہ اخياب جي گناهن وارن عملن جي پيروي ڪئي آهي. جيئن تہ اوهين انهن جي رستي تي هلندا رهيا آهيو، تنهنڪري هاڻ، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي شهر يروشلم کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هر قوم جا ماڻهو اوهان تي ٺٺوليون ڪندا، ۽ اوهين خوار خراب ڪيا ويندا.“