اڄ ڏينهن تائين هو پنهنجين اڳوڻين ريتن رسمن تي قائم آهن. هو نڪي خداوند جي عبادت ڪن ٿا ۽ نہ وري انهن قاعدن قانونن ۽ حڪمن تي هلن ٿا جيڪي خداوند يعقوب جي اولاد کي ڏنا هئا. يعقوب جو نالو خداوند ڦيرائي اسرائيل رکيو هو.
ڇا ڪو حبشي پنهنجي کل جو رنگ بدلائي سگھي ٿو؟ يا ڪو چيتو پاڻ تان دٻڪن جا نشان مَٽائي سگھي ٿو؟ ساڳيءَ طرح تون بہ نيڪي ڪري نہ ٿي سگھين، جيڪا بڇڙائيءَ جي عادي آهين.