2.بادشاهَہ 17:34 - Muslim Sindhi Bible34 اڄ ڏينهن تائين هو پنهنجين اڳوڻين ريتن رسمن تي قائم آهن. هو نڪي خداوند جي عبادت ڪن ٿا ۽ نہ وري انهن قاعدن قانونن ۽ حڪمن تي هلن ٿا جيڪي خداوند يعقوب جي اولاد کي ڏنا هئا. يعقوب جو نالو خداوند ڦيرائي اسرائيل رکيو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible34 اڄ ڏينهن تائين هو اڳوڻي دستور موجب هلندا اچن: نڪي هو خداوند کان ڊڄن ٿا، نڪي پنهنجن انهن قانونن ۽ انهيءَ شريعت ۽ حڪم تي هلن ٿا، جي خداوند يعقوب جي اولاد کي ڏنا، جنهن جو نالو هن اسرائيل رکيو؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي اوهين! جيڪي بني اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي قبيلي مان آهيو. اوهين فخر ڪندي چئو ٿا تہ ”اسين پاڪ شهر يروشلم جا رهاڪو آهيون، ۽ بني اسرائيل جي خدا، قادرِمطلق خداوند تي ڀروسو ٿا رکون.“ هاڻ جيتوڻيڪ اوهين خداوند جي نالي جو قسم کڻو ٿا، ۽ بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ جي دعويٰ ٿا ڪريو، تہ بہ ڏسو، اوهين رياڪار آهيو ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهايو. اي يعقوب جا گھراڻؤ! ٻڌو.