Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 17:23 - Muslim Sindhi Bible

23 ايستائين جو خداوند کين پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍي ڇڏيو. اهو ائين ئي ٿيو جيئن خداوند پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت کين چتاءُ ڏنو هو. سو اسرائيل وارا پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ٿي اشور ۾ آيا، جتي اڄ ڏينهن تائين رهندا ٿا اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 نيٺ خداوند اسرائيل کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪري ڇڏيو، جيئن ڪ هن پنهنجن سڀني ٻانهن نبين جي معرفت فرمايو. انهيءَ طرح اسرائيلي پنهنجي ملڪ مان کڄي اسور ۾ آيا، جتي اڄ ڏينهن تائين آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 17:23
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُهو ماڻهو خدا جي حڪم سان قربان‌گاهہ خلاف وڏي واڪي چوڻ لڳو تہ ”قربان‌گاهہ! اي قربان‌گاهہ! خداوند فرمائي ٿو تہ ’ڏس، دائود جي گھراڻي ۾ هڪڙو ٻار يوسياہ نالي ڄمندو. اُهو غير معبودن وارن پوڄا گھرن جي انهن مذهبي اڳواڻن کي تو تي قرباني ڪندو جيڪي اڄ تو تي قربانيون پيش ڪن ٿا. هائو، انساني هڏا تو تي ساڙيا ويندا.‘“


جيڪي گناهہ يربعام پاڻ ڪيا آهن ۽ اسرائيل وارن کان ڪرايا آهن، تن جي ڪري خداوند اسرائيل وارن کي ضرور سزا ڏيندو.“


تہ پوءِ آءٌ بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس جيڪو مون کين ڏنو آهي، ۽ هيءَ هيڪل جنهن کي مون پنهنجي نالي تي مخصوص ڪيو آهي، تنهن کي رد ڪري ڇڏيندس. بني اسرائيل پوءِ سڀني قومن ۾ هڪڙو پهاڪو ۽ ٽوڪن‌هاب ٿي پوندا.


پر خداوند هنن تي مهربان ٿيو ۽ مٿن رحم ڪيائين ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان پنهنجي ٻڌل عهد جي ڪري هنن تي ٻاجھہ ڪيائين. اڄ ڏينهن تائين هن کين تباهہ ڪرڻ يا پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍڻ نہ چاهيو.


خداوند پنهنجي سڀني نبين ۽ غيبدانن جي وسيلي اسرائيل وارن توڙي يهوداہ وارن کي تنبيهہ ڪئي هئي تہ ”پنهنجن بڇڙن رستن کان باز اچو ۽ منهنجي حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي هلو جيڪي مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنا هئا ۽ انهيءَ کان پوءِ پنهنجي ٻانهن نبين جي وسيلي اوهان کي بہ ڏنا.“


انهيءَ ڪري خداوند اسرائيل وارن تي ڏاڍو ڪاوڙيو، سو انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي جلاوطن ڪري ڇڏيائين. رڳو يهوداہ وارا ئي پنهنجي ملڪ ۾ رهيا.


تنهنڪري خداوند بني اسرائيل جي سڄي نسل کي ڌڪاري ڇڏيو، انهن تي تڪليفون آندائين ۽ انهن کي ڦرلُٽ ڪندڙن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، ايستائين جو هنن کي پنهنجي حضور مان تڙي جلاوطن ڪري ڇڏيائين.


اسرائيل وارا يربعام جي ڪيل گناهن کي چهٽيل رهيا ۽ انهن کان منهن نہ موڙيائون،


هوسيع جي بادشاهيءَ جي نائين سال اندر، اشور جي شهنشاهہ سامريہ تي قبضو ڪري ورتو ۽ اسرائيل وارن کي قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو. هن انهن مان ڪن کي خلح شهر ۾ تہ ڪن کي جوزان علائقي جي خابور نديءَ ويجھو ۽ ڪن کي مادئين جي شهرن ۾ آباد ڪيو.


آءٌ پنهنجي قوم جي باقي بچيل حصي يعني يهوداہ وارن کان منهن موڙيندس ۽ کين سندن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪي کين لٽيندا ۽ ڦريندا.


سو خداوند چيو تہ ”جيئن مون اسرائيل وارن کي پنهنجي حضور مان ڪڍي ڇڏيو، تيئن يهوداہ وارن کي بہ ڪڍي ڇڏيندس. هي شهر يروشلم جنهن کي مون چونڊيو هو ۽ هيءَ هيڪل جنهن بابت مون چيو هو تہ انهيءَ تي منهنجو نالو رکيو ويندو، تن ٻنهي کي آءٌ ڌڪاري ڇڏيندس.“


بيشڪ يهوداہ سان اهو سڀ ڪجھہ خداوند جي حڪم موجب ئي ٿيو، تہ جيئن هو يهوداہ وارن کي منسيءَ جي گناهن جي ڪري پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍي ڇڏي.


بابل جي بادشاهہ انهيءَ شهر ۾ هنن کي مارائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح يهوداہ وارا قيد ٿي پنهنجي ملڪ کان جلاوطن ڪيا ويا.


تنهن هوندي بہ هو پاڻ کان اڳ واري بادشاهہ يربعام ولد نباط وانگر هو، جنهن اسرائيل وارن کي گناهن ۾ ڌڪي ڇڏيو هو. يورام بہ انهن گناهن کان باز نہ آيو.


تنهنڪري هاڻي اي اسان جا خدا! اي عظمت، قدرت ۽ هيبت وارا خدا! تون جيڪو پنهنجو عهد قائم رکندي لافاني شفقت ڪندڙ آهين، سو اسان جي هن مصيبت کي معمولي نہ ڄاڻ، جيڪا اسان تي، اسان جي بادشاهن، اميرن، ڪاهنن، نبين ۽ ابن ڏاڏن توڙي تنهنجي سڄي قوم تي، اشور جي بادشاهہ جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ايندي رهي آهي.


پوءِ آءٌ ڏوهارين کي تنهنجيون واٽون سيکاريندس، تہ جيئن اهي گنهگار تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين.


ڇاڪاڻ تہ ارام ملڪ جي طاقت ان جي شهر دمشق کان وڌيڪ ناهي، ۽ دمشق جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ رضين ۾ آهي. ساڳيءَ طرح اسرائيل ملڪ جي طاقت ان جي شهر سامريہ کان وڌيڪ ناهي، ۽ سامريہ جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ فقحہ ۾ آهي. جڏهن تہ پنجهٺ سالن اندر اسرائيل وارا ڀڄي اهڙا تہ ڀورا ڀورا ٿيندا، جو هڪڙي قوم ٿي نہ رهندا. پر اي آخز بادشاهہ! جيڪڏهن مون سان تنهنجي وفاداري قائم نہ رهي، تہ تون پاڻ بہ قائم نہ رهندين.‘“


خداوند جي غضب جي ڪري ئي يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن جو اهڙو حال ٿيو ۽ آخرڪار خداوند انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي ڇڏيو. اهو هيئن ٿيو جو صدقياہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خلاف بغاوت ڪئي.


آءٌ اوهان کي ائين پنهنجي حضور مان ڪڍي اڇلائيندس، جيئن مون اوهان جي هم‌قوم بني افرائيم کي اڇلائي ڇڏيو هو.“


يعقوب ماءُ جي پيٽ ۾ ئي پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ کي کُڙيءَ کان ورتو هو، ۽ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ مون خدا سان ملهہ وڙهيو هو.


هائو، آءٌ خداوند جنهن جو نالو قادرِمطلق خدا آهي، سو چوان ٿو تہ آءٌ اوهان کي جلاوطن ڪري دمشق کان بہ پري تڙي ڇڏيندس.“


اهو سڀ ڪجھہ يعقوب جي اولاد، يعني بني اسرائيل جي گناهن جي ڪري ٿيندو. ڇا سامريہ شهر ۾ اسرائيل وارن کي بت‌پرستيءَ جي راهہ تي نہ آندو ويو آهي؟ ڇا يروشلم شهر ۾ غير معبودن جون قربان‌گاهون ٺاهي يهوداہ وارن کي گنهگار نہ بڻايو ويو آهي؟


تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ سامريہ شهر کي برباد ڪري ڀترن جا ڍير بڻائي ڇڏيندس، جتي رڳو انگورن جون وليون پوکي سگھجن. آءٌ انهيءَ جا ڀتر ماٿريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيندس، ايتري قدر جو شهر جي جاين جا بنياد ڏسڻ ۾ ايندا.


پوءِ جڏهن خداوند جو پنهنجيءَ قوم کي سندن ملڪيت موٽائي ڏيڻ جو وقت ايندو، تڏهن انهن اميرن مان ڪنهن کي بہ حصو نہ ملندو.


سو خداوند چيو تہ ’جيئن تہ هي ماڻهو ضدي ۽ بي‌وفا آهن، تنهنڪري آءٌ انهن کان پنهنجو منهن موڙي ڇڏيندس، ۽ ڏسندس تہ سندن ڪهڙو انجام ٿو ٿئي.


تہ پوءِ پڪ ڄاڻجو تہ خداوند اوهان جو خدا اڳي وانگر انهن قومن کي اوهان وٽان وري ڀڄائي نہ ڪڍندو. اٽلندو اهي اوهان جي لاءِ ڦاهي ۽ دام ٿيندا. اهي اوهان جي پٺيءَ تي ڦٽڪا ۽ اوهان جي اکين ۾ ڪنڊا ٿيندا. تيستائين ائين ٿيندو رهندو جيستائين اوهين انهيءَ سٺيءَ زمين تان مري کپي نہ وڃو جيڪا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي.


اتي بني دان پنهنجي لاءِ اُهو بت کوڙي ڇڏيو ۽ پوءِ جيستائين اهو ملڪ جلاوطنيءَ وقت ٻين جي قبضي ۾ آيو تيستائين جيرشوم جو پٽ يعني موسيٰ جو پوٽو يونتن ۽ سندس اولاد دان قبيلي جا ڪاهن ٿي رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ