تنهن هوندي بہ ييهو خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي شريعت تي دل وَ جان سان نہ هليو. هن يربعام جي گناهہ کان منهن نہ موڙيو جيڪو يربعام اسرائيل وارن کان ڪرايو هو.
هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙا ڪم ڪيا ۽ بادشاهہ يربعام ولد نباط جي گناهن جي پيروي ڪيائين، جنهن سان هن اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا. سو هو انهيءَ رستي تي هلندو آيو.