2.بادشاهَہ 17:20 - Muslim Sindhi Bible20 تنهنڪري خداوند بني اسرائيل جي سڄي نسل کي ڌڪاري ڇڏيو، انهن تي تڪليفون آندائين ۽ انهن کي ڦرلُٽ ڪندڙن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، ايستائين جو هنن کي پنهنجي حضور مان تڙي جلاوطن ڪري ڇڏيائين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible20 ۽ خداوند اسرائيل جي ساري نسل کي رد ڪري ڇڏيو، ۽ انهن تي مصيبتون نازل ڪيائين، ۽ انهن کي ڦرلٽ ڪندڙن جي حوالي ڪيائين، ۽ نيٺ هنن کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪري ڇڏيائين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هنن سندس حڪمَ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو عهد برقرار نہ رکيائون جيڪو خداوند سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو. هنن سندس تنبيهن تي بہ ڪو ڌيان نہ ڏنو، بلڪ ڪين جهڙن بتن جي پٺيان لڳي پاڻ بہ ڪين جهڙا ٿي پيا. سندن آسپاس جيڪي قومون هيون تن جي پيروي ڪيائون، حالانڪ خداوند کين تنبيهہ ڪندو رهيو تہ انهن جهڙا ڪم نہ ڪن.
اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. توڙي جو آءٌ انهن سڀني قومن کي صفا ناس ڪري ڇڏيندس، جن ۾ اوهان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو اٿم، تڏهن بہ اوهان کي ختم نہ ڪندس. ان جي باوجود آءٌ اوهان کي صفا بيسزا بہ نہ ڇڏيندس. هائو، آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
تہ پوءِ پڪ ڄاڻجو تہ خداوند اوهان جو خدا اڳي وانگر انهن قومن کي اوهان وٽان وري ڀڄائي نہ ڪڍندو. اٽلندو اهي اوهان جي لاءِ ڦاهي ۽ دام ٿيندا. اهي اوهان جي پٺيءَ تي ڦٽڪا ۽ اوهان جي اکين ۾ ڪنڊا ٿيندا. تيستائين ائين ٿيندو رهندو جيستائين اوهين انهيءَ سٺيءَ زمين تان مري کپي نہ وڃو جيڪا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي.
خداوند سموئيل کي چيو تہ ”تون ڪيستائين پيو سائول جي لاءِ افسوس ڪندين؟ جڏهن تہ مون پاڻ هن کان بني اسرائيل جي بادشاهي کسي ورتي آهي. سو هاڻي تون هڪڙي سڱ ۾ زيتون جو ڪجھہ تيل کڻ ۽ وڃ. آءٌ تو کي بيتلحم جي يسي نالي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن موڪليان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي طرفان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“