Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 17:2 - Muslim Sindhi Bible

2 هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ بُرا هئا، پر اهڙا نہ جيڪي هن کان اڳي اسرائيل جي ٻين بادشاهن ڪيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، پر نہ اسرائيل جي ٻين بادشاهن جهڙا، جي هن کان اڳي ٿي گذريا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 17:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عمريءَ اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ جيڪي بادشاهہ کانئس اڳي ٿي گذريا هئا تن کان بہ وڌيڪ گناهہ ڪيائين.


خداوند جي نظر ۾ اخي‌اب پاڻ کان اڳي وارن بادشاهن کان بہ وڌيڪ برا ڪم ڪيا.


تنهن هوندي بہ ييهو خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي شريعت تي دل وَ جان سان نہ هليو. هن يربعام جي گناهہ کان منهن نہ موڙيو جيڪو يربعام اسرائيل وارن کان ڪرايو هو.


هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙا ڪم ڪيا. هو يربعام ولد نباط جي رستي تي هلندي انهن سڀني گناهن کان باز نہ آيو جن سان هن اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا.


هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙا ڪم ڪيا ۽ بادشاهہ يربعام ولد نباط جي گناهن جي پيروي ڪيائين، جنهن سان هن اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا. سو هو انهيءَ رستي تي هلندو آيو.


هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هن پنهنجي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ بادشاهہ يربعام ولد نباط وارن گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جن سان يربعام اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا.


فقحياہ اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هن بادشاهہ يربعام ولد نباط وارن گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جن سان يربعام اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا.


هن پنهنجي ابن ڏاڏن وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هن بادشاهہ يربعام وارن گناهن کان پاسو نہ ڪيو جن سان يربعام اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا.


يهوداہ جي بادشاهہ آخز جي بادشاهيءَ جي ٻارهين سال، هوسيع ولد ايلہ سامريہ شهر ۾ رهي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ هن اٽڪل نَوَ سال بادشاهي ڪئي.


اشور جو شهنشاهہ سلمنيسر مٿس ڪاهہ ڪري آيو، هوسيع سندس آڻ مڃي ۽ هر سال کيس ڍل پهچائڻ لڳو.


جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو تن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جي پيروي ڪندي هن بہ اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي، پر اهڙي نہ جهڙي سندس پيءُ ۽ ماءُ ايزبل ڪئي هئي، ڇاڪاڻ تہ بعل ديوتا کي پوڄڻ لاءِ پڻس جيڪو ٿنڀو جوڙايو هو سو هن ڊهرائي ڇڏيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ