Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 17:18 - Muslim Sindhi Bible

18 انهيءَ ڪري خداوند اسرائيل وارن تي ڏاڍو ڪاوڙيو، سو انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي جلاوطن ڪري ڇڏيائين. رڳو يهوداہ وارا ئي پنهنجي ملڪ ۾ رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 تنهنڪري خداوند اسرائيل تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ انهن کي پنهنجي اکين کان ٽاري ڇڏيائين: يهوداہ جي فرقي کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ بچيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 17:18
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بہ آءٌ کانئس سڄي بادشاهت کسي نہ وٺندس، پر پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر ۽ پنهنجي چونڊيل شهر يروشلم جي خاطر تنهنجي پٽ کي آءٌ هڪڙو قبيلو ڏيندس.“


پر منهنجي ٻانهي دائود جي خاطر ۽ يروشلم شهر جي خاطر جنهن جي زمين مون بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي علائقن مان چونڊي آهي هڪڙو قبيلو دائود جي نسل هيٺ رهندو.


پر هن جي پٽ کي آءٌ هڪڙو قبيلو ڏيندس، تہ جيئن يروشلم جو شهر جيڪو مون پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊيو آهي تنهن ۾ منهنجي ٻانهي دائود جو ڏيئو منهنجي اڳيان هميشہ روشن رهي.


پوءِ جڏهن اتر وارن ڏهن قبيلن ٻڌو تہ يربعام مصر مان موٽي آيو آهي، تڏهن هنن ماڻهو موڪلي انهيءَ کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کيس پنهنجو بادشاهہ بڻايائون. دائود جي گھراڻي سان رڳو سندن قبيلو يهوداہ ئي وفادار رهيو.


جيئن تہ ڪوبہ اهڙو انسان ڪونهي جيڪو گناهہ نہ ٿو ڪري، سو جڏهن هن قوم وارا تنهنجو گناهہ ڪن ۽ پوءِ تون ساڻن ڪاوڙجي کين دشمن جي حوالي ڪري ڇڏين جيڪي کين قيدي بڻائي پري يا اوري پنهنجي ملڪ ڏانهن وٺي وڃن


پر خداوند هنن تي مهربان ٿيو ۽ مٿن رحم ڪيائين ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان پنهنجي ٻڌل عهد جي ڪري هنن تي ٻاجھہ ڪيائين. اڄ ڏينهن تائين هن کين تباهہ ڪرڻ يا پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍڻ نہ چاهيو.


هوسيع جي بادشاهيءَ جي نائين سال اندر، اشور جي شهنشاهہ سامريہ تي قبضو ڪري ورتو ۽ اسرائيل وارن کي قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو. هن انهن مان ڪن کي خلح شهر ۾ تہ ڪن کي جوزان علائقي جي خابور نديءَ ويجھو ۽ ڪن کي مادئين جي شهرن ۾ آباد ڪيو.


آءٌ پنهنجي قوم جي باقي بچيل حصي يعني يهوداہ وارن کان منهن موڙيندس ۽ کين سندن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪي کين لٽيندا ۽ ڦريندا.


سو خداوند چيو تہ ”جيئن مون اسرائيل وارن کي پنهنجي حضور مان ڪڍي ڇڏيو، تيئن يهوداہ وارن کي بہ ڪڍي ڇڏيندس. هي شهر يروشلم جنهن کي مون چونڊيو هو ۽ هيءَ هيڪل جنهن بابت مون چيو هو تہ انهيءَ تي منهنجو نالو رکيو ويندو، تن ٻنهي کي آءٌ ڌڪاري ڇڏيندس.“


بيشڪ يهوداہ سان اهو سڀ ڪجھہ خداوند جي حڪم موجب ئي ٿيو، تہ جيئن هو يهوداہ وارن کي منسيءَ جي گناهن جي ڪري پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍي ڇڏي.


پوءِ آءٌ ڏوهارين کي تنهنجيون واٽون سيکاريندس، تہ جيئن اهي گنهگار تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين.


پوءِ خداوند مون يرمياہ کي چيو تہ ”توڙي جو موسيٰ ۽ سموئيل بہ کڻي مون وٽ اچن، تہ بہ هن قوم ڏانهن منهنجي دل ڪين ورندي. سو تون هنن کي منهنجي اکين اڳيان ٽاري ڇڏ.


خداوند جي غضب جي ڪري ئي يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن جو اهڙو حال ٿيو ۽ آخرڪار خداوند انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي ڇڏيو. اهو هيئن ٿيو جو صدقياہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خلاف بغاوت ڪئي.


آءٌ اوهان کي ائين پنهنجي حضور مان ڪڍي اڇلائيندس، جيئن مون اوهان جي هم‌قوم بني افرائيم کي اڇلائي ڇڏيو هو.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل وارن مون سان هر طرف کان ڪوڙ ۽ ٺڳي ڪئي آهي، ۽ يهوداہ وارن بہ مون سچي ۽ پاڪ خدا کي ڇڏي ڏنو آهي.


يعقوب ماءُ جي پيٽ ۾ ئي پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ کي کُڙيءَ کان ورتو هو، ۽ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ مون خدا سان ملهہ وڙهيو هو.


اوهين خداوند جي چونڊيل ملڪ ۾ رهي نہ سگھندا، اوهان مان ڪي مصر ڏانهن واپس هليا ويندا، تہ ڪن کي وري اشور ملڪ ۾ حرام کاڌو کائڻو پوندو.


سو خداوند چيو تہ ’جيئن تہ هي ماڻهو ضدي ۽ بي‌وفا آهن، تنهنڪري آءٌ انهن کان پنهنجو منهن موڙي ڇڏيندس، ۽ ڏسندس تہ سندن ڪهڙو انجام ٿو ٿئي.


تہ پوءِ پڪ ڄاڻجو تہ خداوند اوهان جو خدا اڳي وانگر انهن قومن کي اوهان وٽان وري ڀڄائي نہ ڪڍندو. اٽلندو اهي اوهان جي لاءِ ڦاهي ۽ دام ٿيندا. اهي اوهان جي پٺيءَ تي ڦٽڪا ۽ اوهان جي اکين ۾ ڪنڊا ٿيندا. تيستائين ائين ٿيندو رهندو جيستائين اوهين انهيءَ سٺيءَ زمين تان مري کپي نہ وڃو جيڪا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي.


جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا جو هر سٺو واعدو پورو ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح هو اهي سڀ خراب ڳالهيون بہ اوهان تي آڻيندو جنهن جي هن ڌمڪي ڏني آهي، جيستائين هو اوهان کي هن چڱيءَ زمين تان ناس نہ ڪري ڇڏي، جيڪا هن اوهان کي ڏني آهي.


اتي بني دان پنهنجي لاءِ اُهو بت کوڙي ڇڏيو ۽ پوءِ جيستائين اهو ملڪ جلاوطنيءَ وقت ٻين جي قبضي ۾ آيو تيستائين جيرشوم جو پٽ يعني موسيٰ جو پوٽو يونتن ۽ سندس اولاد دان قبيلي جا ڪاهن ٿي رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ