2.بادشاهَہ 17:16 - Muslim Sindhi Bible16 هنن خداوند پنهنجي خدا جا سمورا حڪم وساري ڇڏيا ۽ پنهنجي لاءِ ٻہ پلٽيل گابا ۽ يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا ٺاهيائون. هو آسمان جي ستارن اڳيان سر جھڪائڻ لڳا ۽ بعل ديوتا کي پوڄڻ لڳا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 ۽ هنن خداوند پنهنجي خدا جا سڀ حڪم ڇڏي ڏنا، ۽ پنهنجي لاءِ پلٽيل بت جوڙيائون، يعني ٻہ گابا، ۽ يسيرتون جوڙيائون، ۽ آسمان جي سڀني تارن جي پوڄا ڪيائون، ۽ بعل جي عبادت ڪيائون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
بلڪ اسان جيڪي چيو آهي تنهن تي ضرور عمل ڪنداسين، يعني اسين انهيءَ ديويءَ، جيڪا آسمان جي راڻيءَ آهي تنهن لاءِ قربانيون پيش ڪنداسين ۽ ان لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينداسين. جيئن اسان، اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جي بادشاهن، اسان جي عملدارن کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پئي ڪيو آهي. تنهن وقت اسان وٽ گھڻو کاڌو خوراڪ موجود هو ۽ اسين خوشحال هئاسين ۽ ڪوبہ نقصان برداشت نہ ڪيو هوسين.