Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 17:13 - Muslim Sindhi Bible

13 خداوند پنهنجي سڀني نبين ۽ غيبدانن جي وسيلي اسرائيل وارن توڙي يهوداہ وارن کي تنبيهہ ڪئي هئي تہ ”پنهنجن بڇڙن رستن کان باز اچو ۽ منهنجي حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي هلو جيڪي مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنا هئا ۽ انهيءَ کان پوءِ پنهنجي ٻانهن نبين جي وسيلي اوهان کي بہ ڏنا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 انهيءَ هوندي بہ خداوند سڀ ڪنهن نبيءَ ۽ سڀ ڪنهن غيب دان جي وسيلي اسرائيل ۽ يهوداہ کي تاڪيد ڪري فرمايو، تہ اوهين پنهنجن بڇڙن رستن کان باز اچو، ۽ منهنجن حڪمن تي ۽ منهنجن قانونن تي انهيءَ ساريءَ شريعت موجب هلو، جا مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، جا مون پنهنجن ٻانهن نبين جي هٿان موڪلي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 17:13
47 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ييهو ولد حنانيءَ جي معرفت خداوند بعشا کي ڇينڀيندي چيو تہ


بعشا ۽ سندس خاندان خلاف ييهو نبيءَ جي معرفت خداوند اهو انهيءَ ڪري فرمايو هو جو بعشا خداوند جي نظر ۾ گھڻا ئي برا ڪم ڪيا هئا. هن خداوند کي نہ رڳو پنهنجي برن ڪمن ڪري ڪاوڙايو هو، جيئن کانئس اڳي بادشاهہ يربعام ڪيو هو، بلڪ هن ڪري بہ جو بعشا يربعام جي سڄي خاندان کي مارائي ڇڏيو هو.


ايستائين جو خداوند کين پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍي ڇڏيو. اهو ائين ئي ٿيو جيئن خداوند پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت کين چتاءُ ڏنو هو. سو اسرائيل وارا پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ٿي اشور ۾ آيا، جتي اڄ ڏينهن تائين رهندا ٿا اچن.


هو خداوند سان ئي چهٽيل رهيو ۽ ڪڏهن بہ هن جي نافرماني نہ ڪيائين. هو انهن حڪمن جي تعميل ڪندو آيو جيڪي خداوند موسيٰ کي ڏنا هئا.


خداوند پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت فرمايو تہ


دائود بادشاهہ جي بادشاهيءَ جون ڳالهيون، شروع کان وٺي آخر تائين، سڀيئي سموئيل، ناتن ۽ جاد، ٽنهي نبين جي تواريخ جي ڪتابن ۾ لکيل آهن.


جيڪڏهن تون پاڻ کي بدڪاريءَ کان پري رکندين، ۽ شرارت جي ويجھو نہ ويندين،


هو انهن جي سڌاري لاءِ سندن ڪن کولي ٿو، ۽ کين هدايت ٿو ڪري تہ هو بدڪاريءَ کان مڙي وڃن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! ٻڌ، آءٌ ڳالهائيندس. هائو، اي بني اسرائيل وارؤ! ٻڌو، آءٌ اوهان تي شاهدي ڏيندس. آءٌ ئي خدا، هائو، اوهان جو خدا آهيان.


جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ کين بار بار تنبيهہ ڪندو رهيس تہ هو منهنجي فرمانبرداري ڪن.


تنهنڪري هاڻي اوهان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن کي آءٌ خداوند خبردار ٿو ڪريان تہ ڏسو، آءٌ اوهان تي هڪ مصيبت آڻڻ لاءِ پيو سوچيان ۽ اوهان جي خلاف هڪ رٿ ويٺو رٿيان. سو اوهين سڀ پنهنجي پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز اچو ۽ پنهنجا طور طريقا ۽ عمل سڌاريو.


”هن ملڪ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي تيرهين سال کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي ٽيويهہ سال گذريا آهن تن ۾ خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيندو رهيو آهي، جيڪو مون اوهان کي بار بار پئي ٻڌايو آهي. پر اوهان ٻڌو اڻ‌ٻڌو پئي ڪيو آهي.


مون سوچيو تہ هوءَ اهو سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ توبهہ‌تائب ٿي مون ڏانهن موٽي ايندي، پر ائين نہ ٿيو. سندس بي‌وفا ڀيڻ يهوداہ ملڪ جي قوم اهو سڀ ڪجھہ پئي ڏٺو آهي.


’هر ستين سال اوهان مان هر ڪو پنهنجي هر انهيءَ هم‌قوم عبرانيءَ کي ضرور آزاد ڪري، جنهن پنهنجو پاڻ کي اوهان وٽ وڪيو هجي. هائو، ڇهن سالن جي خدمت چاڪريءَ کان پوءِ اوهين ان کي لازماً آزاد ڪريو.‘ پر اوهان جي ابن ڏاڏن منهنجي نہ ٻڌي ۽ مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنائون.


مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.


اي يهوداہ جا باقي بچيل رهاڪؤ! خداوند اوهان کي مصر ڏانهن وڃڻ جي منع فرمائي آهي. ياد رکو، اڄ مون اوهان کي آگاهہ ڪري ڇڏيو آهي.


جن گناهن ڪرڻ ڪري اوهين گنهگار بڻيا آهيو، تن سڀني کان پاڻ کي پري رکو. اوهين پنهنجي سوچ بدلائي نئين دل ۽ نئون ذهن پيدا ڪريو. اي بني اسرائيل! ڇو اوهين مرڻ ٿا گھرو؟


پر جيڪڏهن تو انهن بدڪارن کي خبردار ڪري ڇڏيو، تنهن هوندي بہ هو پنهنجي شرارت ۽ بڇڙائيءَ کان باز نہ آيا، تہ پوءِ هو ضرور پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري مرندا، مگر تنهنجي جان بچي ويندي.


اسان تو خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ مڃيو آهي، جو اسان تنهنجي انهيءَ شريعت تي عمل نہ ڪيو آهي، جيڪا تو پنهنجي بندن، يعني نبين جي معرفت اسان کي ڏني.


جيتري قدر مون هنن کي پاڻ ڏانهن سڏيو، اوتري قدر هو مون کان پري ٿيندا ويا. هو بعل ديوتائن جي پوڄا لاءِ قربانيون ڪندا رهيا، ۽ اُڪريل مورتين لاءِ لوبان ساڙيندا رهيا.


آءٌ نبين سان ڳالهائيندو رهيس، ۽ کين رويا مٿان رويا ڏيکاريندو رهيس، ۽ انهن نبين جي ئي وسيلي مثال ڏيئي اوهان کي سمجھائيندو رهيس.


پر جِلعاد جي علائقي ۾ اڃا تائين بدڪاري ۽ نسوري بيهودگي آهي، هائو، جِلجال شهر ۾ ڪراهت جهڙن بتن جي لاءِ اوهين ڍڳن کي قربان ٿا ڪريو. اوهان جون قربان‌گاهون ايتريون تہ گھڻيون آهن، جيئن ٻنين ۾ ڀترن جا ڍڳ هجن.


اي اسرائيل وارؤ! اوهان جي بدڪاريءَ ئي اوهان کي ٿاٻو ڏيئي ڪيرايو آهي، تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو.


اي يهوداہ وارؤ! اسرائيل وارا مون خدا سان بي‌وفائي ٿا ڪن، پر ائين نہ ٿئي جو انهن جي بي‌وفائيءَ جي ڪري اوهين يهوداہ وارا بہ گنهگار ٿيو. اوهين پوڄا لاءِ اسرائيل جي شهرن جِلجال توڙي بيت‌ايل ڏانهن نہ وڃو، ۽ نہ وري اتي ڪڏهن مون جيئري خدا جو قسم کڻو.


يهودين توڙي غير قوم وارن ٻنهي کي تاڪيد ڪيو اٿم تہ اهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻين.


پوءِ جڏهن گھڻيون ئي آفتون ۽ مصيبتون انهن تي اينديون، تڏهن هي گيت شاهد وانگر مٿن شاهدي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ اهو سندن اولاد کان وسري ڪين ويندو. انهيءَ کان اڳ جو آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ پهچايان، جنهن بابت مون ساڻن قسم کڻي واعدو ڪيو هو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ هن وقت هنن جا خيال ڪيڏانهن پيا ڊوڙن.“


تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن زمين ۽ آسمان کي اوهان تي شاهد ڪري چوان ٿو تہ جنهن ملڪ کي هٿ ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار ٿا وڃو تنهن ۾ اوهين جلد ئي تباهہ ڪيا ويندا. اوهين اتي گھڻا ڏينهن رهي ڪين سگھندا، بلڪ پوريءَ طرح برباد ٿي ويندا.


هاڻي جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا کي وساري غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄا ڪندا ۽ کين سجدو ڪندا تہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ اوهان کي آگاهہ ٿو ڪريان تہ اوهين ضرور نابود ڪيا ويندا.


جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهد جي ڀڃڪڙي ڪندا، جنهن تي قائم رهڻ جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي ۽ وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ کين سجدو ڪندا، تہ پوءِ خداوند جي ڪاوڙ اوهان تي ڀڙڪندي ۽ اوهين انهيءَ چڱي ملڪ مان جلد ناس ٿي ويندا جيڪو هن اوهان کي ڏنو آهي.“


خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪندو آهي، جهڙي دير ڪي ماڻهو سمجھن ٿا. پر هو اوهان جي خاطر صبر ڪري ٿو، انهيءَ ڪري جو هو نہ ٿو چاهي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ هو چاهي ٿو تہ سڀيئي توبهہ‌تائب ٿين.


مون اوهان کي چيو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، سو اوهين امورين جي ملڪ ۾ جتي اوهين رهو ٿا، تن جي معبودن جي پوڄا نہ ڪريو. پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو.‘“


تڏهن هن بني اسرائيل وٽ هڪڙو نبي موڪليو. انهيءَ نبيءَ کين چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون اوهان کي غلاميءَ واري ملڪ مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو.


تڏهن سائول پنهنجي نوڪر کي چيو تہ ”چڱي ڳالهہ ڪئي اٿيئي. اچ تہ هلون.“ سو هو انهيءَ شهر ڏانهن ويا جتي اهو خدا جو ٻانهو رهندو هو. جڏهن هو شهر ڏانهن مٿي چڙهي رهيا هئا، تڏهن هنن کي ڪجھہ ڇوڪريون مليون جيڪي پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻاهر وڃي رهيون هيون. هنن انهن ڇوڪرين کان پڇيو تہ ”ڇا غيبدان هتي آهي؟“ اڳئين زماني ۾ ائين ٿيندو هو جو بني اسرائيل مان جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا جي مرضي معلوم ڪرڻي هوندي هئي تہ هو غيبدان وٽ ويندو هو. جنهن کي هاڻي نبي ٿو سڏجي تنهن کي اڳي غيبدان سڏيو ويندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ