2.بادشاهَہ 16:4 - Muslim Sindhi Bible4 هو غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾، ٽڪرين جي چوٽين تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible4 ۽ مٿانهين جاين تي، ۽ ٽڪرين تي، ۽ سڀني ساون وڻن هيٺ هو قرباني ڪندو هو، ۽ لوبان ساڙيندو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ڏس، هي هيڪل ڌرتيءَ تي منهنجو تختگاهہ آهي جتي آءٌ هميشہ جي لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهي حڪمراني ڪندس. هاڻي اڳتي بني اسرائيل منهنجي پاڪ نالي جي وري ڪڏهن بہ بيحرمتي نہ ڪندا، يعني نہ اهي، نڪي سندن بادشاهہ غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ نہ وري بادشاهن جي يادگاريءَ لاءِ مقبرا ٺاهيندا.
پوءِ انهن ماڻهن جا لاش هر انهيءَ جاءِ تي پيا هوندا جتي هو پنهنجي بتن لاءِ خوشبودار نذرانا پيش ڪندا هئا. هائو، اهي اتي سندن قربانگاهن جي چوڌاري توڙي سندن بتن جي وچ ۾ پيا هوندا، يعني سندن سڀني ٽڪرين تي ٺهيل پوڄا گھرن ۾، سڀني جبلن جي چوٽين تي، هر سائي وڻ ۽ شاهہبلوط جي وڻ هيٺ. تڏهن سڄي بني اسرائيل قوم ڄاڻي وٺندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.