Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 16:2 - Muslim Sindhi Bible

2 بادشاهہ ٿيڻ وقت آخز جي عمر ويهہ سال هئي ۽ هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل سورهن سال بادشاهي ڪئي. هن اهي ڪم نہ ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جيئن سندس وڏي دائود چڱا ڪم ڪيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ بادشاهہ ٿيڻ وقت آخز ويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن اُهي ڪم نہ ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جيئن ڪ سندس پيءُ دائود جا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 16:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو اهي سمورا گناهہ ڪندو هو جيڪي هن کان اڳي سندس پيءُ ڪيا هئا. جيئن سندس ابي ڏاڏي دائود جي دل خداوند پنهنجي خدا سان لڳل هئي، تيئن هن جي دل خدا سان پوري طرح لڳل نہ رهي.


جيڪڏهن تون منهنجيءَ راهہ تي هلندي منهنجي قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪندين، جيئن تنهنجو پيءُ دائود ڪندو هو، تہ پوءِ آءٌ تنهنجي عمر وڌائيندس.“


باقي رهين تون، سو جيڪڏهن تون پنهنجي پيءُ دائود وانگر پنهنجي دل جي خلوص ۽ سچائيءَ سان منهنجي فرمانبرداري ڪندين ۽ منهنجي حڪمن تي هلندي منهنجي قاعدن قانونن جي تعميل ڪندين،


هن اهي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، تنهن هوندي بہ پنهنجي وڏي دائود جهڙا نہ. هو هر ڳالهہ ۾ پنهنجي پيءُ يوآس جي نقشِ‌قدم تي هليو.


هن پنهنجي پيءُ امصياہ وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.


هن پنهنجي پيءُ عُزياہ وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.


اسرائيل جي بادشاهہ هوسيع ولد ايلہ جي بادشاهيءَ جي ٽئين سال حزقياہ ولد آخز يهوداہ جو بادشاهہ ٿيو.


هن پنهنجي وڏي دائود وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.


هن اُهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا. هو پنهنجي وڏي دائود جي سڀني رستن تي هليو، انهن کان ساڄي يا کاٻي بلڪل نہ لڙيو.


خداوند يهوسفط سان گڏ هو، ڇاڪاڻ تہ جيئن سندس پيءُ پنهنجي شروعاتي دور ۾ پئي هليو تيئن هن بہ ڪيو ۽ بعل ديوتا جي پٺيان ڪونہ لڳو.


هن پنهنجي وڏي دائود وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ