Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 16:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اورياہ ڪاهن ائين ئي ڪيو جيئن بادشاهہ آخز کيس حڪم ڏنو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 جيئن بادشاهہ آخز حڪم ڏنو تيئن اورياہ ڪاهن ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 16:16
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اورياہ ڪاهن آخز بادشاهہ جي موٽي اچڻ کان اڳ ۾ ئي اها قربان‌گاهہ ان طريقي موجب ٺاهي راس ڪئي.


پوءِ بادشاهہ آخز اورياہ ڪاهن کي حڪم ڏنو تہ ”نئين وڏي قربان‌گاهہ تي مون بادشاهہ جي ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن جي صبح جو ساڙڻ واري قرباني ۽ شام جو اناج جي قرباني پيش ڪندو ڪر. ان کان علاوہ ماڻهن جي اوتڻ واري قرباني بہ پيش ڪندو ڪر. ساڙڻ وارين قربانين بلڪ سڀني جانورن وارين قربانين جو سمورو رت قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريندو ڪر. پر پتل واري قربان‌گاهہ خدا کان منهنجي سوال پڇڻ لاءِ رڳو مون لاءِ ڇڏي ڏي.“


بادشاهہ آخز پتل جي ريڙهين جا تختا ڌار ڪرائي ڇڏيا ۽ انهن تان ننڍا حوض هٽرائي ڇڏيائين. هن پتل جي ڏاندن جي پٺيءَ تان وڏو حوض کڻائي اهو پٿر جي ٿلهي تي رکرائي ڇڏيو.


هن انهيءَ هيڪل ۾ بت‌پرستن جون قربان‌گاهون تعمير ڪرايون، جنهن جي باري ۾ خداوند فرمايو هو تہ ”يروشلم شهر ۾ آءٌ پنهنجو نالو قائم رکندس.“


هن انهيءَ هيڪل ۾ بت‌پرستن جون قربان‌گاهون تعمير ڪرايون، جنهن جي باري ۾ خداوند فرمايو هو تہ ”يروشلم شهر ۾ آءٌ هميشہ تائين پنهنجو نالو قائم رکندس.“


بيشڪ ڪاهن جو اهو ئي فرض آهي تہ کيس مون خدا بابت صحيح ڄاڻ هجي، تہ جيئن ماڻهو کانئس شريعت جي تعليم حاصل ڪن، ڇو تہ ڪاهن مون قادرِمطلق خداوند جو پيغام ڏيندڙ آهي.“


پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏنن تہ ”اوهين پاڻ ئي انصاف ڪريو تہ خدا جي نظر ۾ ڪهڙي ڳالهہ درست آهي، اوهان جو حڪم مڃڻ يا خدا جو.


پطرس ۽ ٻين رسولن جواب ۾ چيو تہ ”اسان لاءِ ماڻهن جو نہ، پر خدا جو چيو مڃڻ لازمي آهي.


ان جي ابتڙ خدا اسان کي لائق قرار ڏيئي خوشخبريءَ جو پيغام جيئن اسان جي حوالي ڪيو آهي، تيئن ئي اسين بيان ٿا ڪريون. اسين ماڻهن کي نہ پر خدا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي دلين کي پرکي ٿو.


مصيبت آهي هنن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هي قابيل جي واٽ تي ٿا هلن، نفعي جي خاطر بلعام جهڙي گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا آهن ۽ قورح وانگر بغاوت ڪري برباد ٿا ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ