2.بادشاهَہ 16:10 - Muslim Sindhi Bible10 آخز بادشاهہ اشور جي شهنشاهہ تِگلت پلاسر سان ملڻ لاءِ دمشق ويو. هن اتي هڪ قربانگاهہ ڏٺي. آخز بادشاهہ انهيءَ قربانگاهہ جو نقشو ۽ ان جي ٺاهڻ جو طريقو تفصيل سان اورياہ ڪاهن ڏانهن ڏياري موڪليو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 ۽ آخز بادشاهہ اسور جي بادشاهہ تگلت پلاسر کي گڏجڻ لاءِ دمشق ڏانهن ويو، ۽ دمشق ۾ جيڪا قربانگاهہ هئي سا ڏٺائين: ۽ آخز بادشاهہ انهيءَ قربانگاهہ جو نقشو ۽ انهيءَ جو نمونو اورياہ ڪاهن وٽ، ان جي ساريءَ ڪاريگريءَ جي ڪم جي بيان سميت ڏياري موڪليو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ جيڪڏهن اهي پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿين، تڏهن کين هيڪل جو نقشو سمجھاءِ. انهيءَ جي ترتيب، انهيءَ ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جا لنگھہ ۽ انهيءَ جي پوري شڪل، هر ڪنهن شيءِ جي انتظام ۽ هيڪل ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ قاعدن قانونن بابت انهن کي سمجھاءِ. انهن سڀني ڳالهين جو نقشو ٺاهي انهن جي آڏو رک تہ جيئن اهي پوري انتظام کي سمجھي سگھن ۽ منهنجي سڀني حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪن.
سو اسان سوچيو تہ جيڪڏهن اُهي اسان جي اولاد کي ڪڏهن ائين چون تہ اسان جو اولاد کين جواب ڏيئي سگھي تہ ’اِجھو، خداوند جي قربانگاهہ جو نمونو ڏسو جيڪو اسان جي ابن ڏاڏن ٺاهيو هو. اِها قربانگاهہ ساڙڻ واري قرباني يا ذبح ڪرڻ واري قربانيءَ لاءِ نہ، پر اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد رهڻ لاءِ تعمير ڪئي ويئي هئي.‘