Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 15:8 - Muslim Sindhi Bible

8 يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي بادشاهيءَ جي اٺٽيهين سال، زڪرياہ ولد يربعام ثاني ولد نباط سامريہ شهر ۾ رهي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 يهوداہ جي بادشاهہ عزرياہ جي اٺٽيهين ورهيہ ۾، زڪرياہ بن يربعام سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 15:8
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند ييهوءَ کي چيو تہ ”جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو هو تنهن جي تو سٺي تعميل ڪئي آهي ۽ اخي‌اب جي گھراڻي سان اهو ڪجھہ ڪيو اٿيئي جيڪي مون چاهيو پئي. تنهنڪري هاڻ، تو سان منهنجو واعدو آهي تہ تنهنجي اولاد مان چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ڪونہ ڪو ويهندو ايندو.“


پوءِ يهوداہ جي سڀني ماڻهن عُزياہ کي سندس پيءُ امصياہ جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايو. ان وقت سندس عمر سورهن سال هئي.


يربعام ثاني وفات ڪري ويو ۽ کيس پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو. پوءِ سندس پٽ زڪرياہ بادشاهہ بڻيو.


اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ثانيءَ جي بادشاهيءَ جي ستاويهين سال، عُزياہ ولد امصياہ يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.


يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي بادشاهيءَ جي اوڻيتاليهين سال سلوم ولد يبيس بادشاهي ڪرڻ لڳو. هن سامريہ شهر ۾ رهي هڪڙو مهينو بادشاهي ڪئي.


يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي بادشاهيءَ جي اوڻيتاليهين سال، مناحم ولد جادي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو. هن سامريہ شهر ۾ رهي اٽڪل ڏهہ سال بادشاهي ڪئي.


يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي بادشاهيءَ جي پنجاهين سال فقحياہ ولد مناحم سامريہ شهر ۾ رهي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ اٽڪل ٻہ سال بادشاهي ڪيائين.


عُزياہ وفات ڪري ويو ۽ کيس پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ يوتام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


هن پنهنجي ابن ڏاڏن وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هن بادشاهہ يربعام وارن گناهن کان پاسو نہ ڪيو جن سان يربعام اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا.


ملڪ اندر گھرو لڙائيءَ جي وقت تي گھڻا ئي ماڻهو بغاوت ڪندي حڪمران بڻجيو وڃن، مگر سمجھہ ۽ ڄاڻ وارو هڪڙو ئي حڪمران امن وَ سڪون بحال ڪريو وٺي.


تڏهن خداوند هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ ٻار جو نالو يزرعيل رک، ڇاڪاڻ تہ ٿوري ئي عرصي ۾ آءٌ ييهوءَ جي شاهي گھراڻي ۾ اهڙو قتلام وجھندس، جهڙو هن يزرعيل شهر ۾ وڌو هو. اهڙيءَ طرح آءٌ اسرائيل تان سندس گھراڻي جي بادشاهي ختم ڪري ڇڏيندس.


تڏهن اسحاق جي اولاد جون جبلن تي ٺهيل عبادت‌گاهون تباهہ ٿي وينديون. هائو، اسرائيل ملڪ جون سڀيئي عبادت واريون جايون ويران ٿي وينديون. انهيءَ کان علاوہ آءٌ يربعام بادشاهہ جي گھراڻي خلاف جنگ کڙي ڪندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ