Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 15:32 - Muslim Sindhi Bible

32 اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ولد رملياہ جي بادشاهيءَ جي ٻئي سال، يوتام ولد عُزياہ يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ بن رملياہ جي ٻئي ورهيہ ۾، يوتام بن عزرياہ، يهوداہ جو بادشاهہ بادشاهي ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 15:32
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يهوداہ جي سڀني ماڻهن عُزياہ کي سندس پيءُ امصياہ جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايو. ان وقت سندس عمر سورهن سال هئي.


اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ثانيءَ جي بادشاهيءَ جي ستاويهين سال، عُزياہ ولد امصياہ يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.


يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي بادشاهيءَ جي اوڻيتاليهين سال سلوم ولد يبيس بادشاهي ڪرڻ لڳو. هن سامريہ شهر ۾ رهي هڪڙو مهينو بادشاهي ڪئي.


يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي بادشاهيءَ جي اوڻيتاليهين سال، مناحم ولد جادي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو. هن سامريہ شهر ۾ رهي اٽڪل ڏهہ سال بادشاهي ڪئي.


يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي بادشاهيءَ جي پنجاهين سال فقحياہ ولد مناحم سامريہ شهر ۾ رهي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ اٽڪل ٻہ سال بادشاهي ڪيائين.


يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي ٻاونجاهين سال، فقحہ ولد رملياہ سامريہ شهر ۾ رهي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ اٽڪل ويهہ سال بادشاهي ڪيائين.


پوءِ فقحہ ولد رملياہ خلاف هوسيع ولد ايلہ سازش ڪئي ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيائين. يوتام ولد عُزياہ جي بادشاهيءَ جي ويهين سال هوسيع پاڻ اسرائيل جو بادشاهہ بڻيو.


فقحہ جو باقي احوال ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ هن ڪيو، سو سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.


جڏهن هو بادشاهہ ٿيو تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي ۽ يروشلم ۾ رهي هن اٽڪل سورهن سال بادشاهي ڪئي. سندس ماءُ جو نالو يروسا هو، جيڪا صدوق جي ڌيءَ هئي.


خداوند عُزياہ بادشاهہ کي ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ سان سٽي وڌو، جيڪا باقي سڄي زندگي کيس لڳي رهي. هو ڌار گھر ۾ رهندو هو ۽ سندس پٽ يوتام شاهي محل جو ڪاروبار سنڀاليندو هو ۽ ملڪ جو انتظام هلائيندو هو.


عُزياہ وفات ڪري ويو ۽ کيس پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ يوتام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


يهوداہ جي بادشاهہ يوتام ۽ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ثاني جي ڏينهن ۾ انهن سڀني جا نالا سندن نسب‌نامن موجب لکيا ويا.


هن ڪتاب ۾ يسعياہ ولد آموص جي رويا بيان ڪيل آهي، جيڪا هن يهوداہ جي بادشاهن عُزياہ، يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ بابت ڏٺي.


يهوداہ جي ٽن بادشاهن يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي بادشاهتن جي دوران خداوند مون ميڪاہ مورشتيءَ کي اسرائيل ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ سامريہ ۽ يهوداہ ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ يروشلم وارن بابت هي پيغام ڏنو.


عُزياہ مان يوتام پيدا ٿيو، يوتام مان آخز پيدا ٿيو ۽ آخز مان حزقياہ پيدا ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ