Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 15:20 - Muslim Sindhi Bible

20 مناحم اهي پئسا اسرائيل جي دولتمندن کان ڪڍيا. هر هڪ امير ماڻهوءَ کي پنجاهہ چانديءَ جا سڪا اشور جي شهنشاهہ لاءِ ڏيڻا پيا. پوءِ اهو لشڪر پوئتي موٽي ويو ۽ اسرائيل ملڪ ۾ وڌيڪ نہ ترسيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ مناحم اُهي پئسا اسرائيل کان، يعني سڀني دولت ۽ طاقت وارن ماڻهن کان وصول ڪيا، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ کان چانديءَ جا پنجاهہ شيڪل وٺي اسور جي بادشاهہ کي ڏنائين. پوءِ اسور جو بادشاهہ پٺتي موٽي ويو ۽ ملڪ ۾ وڌيڪ نہ ترسيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 15:20
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو ست هزار رڍن ٻڪرين، ٽي هزار اٺن، پنج سؤ ڏاندن جي جوڙن ۽ پنج سؤ گڏهن جو مالڪ هو. کيس تمام گھڻا نوڪر چاڪر هئا. هو اوڀر جي رهاڪن ۾ سڀني کان وڏو ماڻهو هو.


يهويقيم چاندي ۽ سون نڪوہ بادشاهہ کي ڍل طور پهچائي ڏيندو هو. انهيءَ لاءِ يهويقيم ملڪ تي ٽيڪس وڌو ۽ عوام کان چاندي ۽ سون زوريءَ اُڳاڙيندو هو.


فقحہ جي ڏينهن ۾ اشور جو شهنشاهہ تِگلت پلاسر اسرائيل ملڪ تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ عيون، ابيل بيت‌معڪہ، ينوحاہ، قادس ۽ حصور شهر، جِلعاد جو علائقو، گليل ڍنڍ جي آس‌پاس وارو علائقو ۽ نفتاليءَ جو سڄو علائقو قبضي هيٺ ڪيائين ۽ هو ماڻهن کي پڻ قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو.


برزلي اسي سالن جي عمر جو تمام پوڙهو ماڻهو هو. جيئن تہ هو تمام دولتمند ماڻهو هو، سو جڏهن بادشاهہ محنايم شهر ۾ رهيل هو تڏهن هن بادشاهہ کي کاڌخوراڪ پهچائي هئي.


نعوميہ جي مڙس اِليملڪ جو سندس ئي گھراڻي مان هڪڙو مائٽ هو، جيڪو وڏو زميندار ۽ اثر وَ رسوخ وارو ماڻهو هو ۽ ان جو نالو بوعز هو.


انهن ڏينهن ۾ اشور جي شهنشاهہ تِگلت پلاسر عرف پول جو لشڪر اسرائيل ملڪ تي حملو ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيو. تنهنڪري مناحم بادشاهہ پنهنجي ماڻهن جي هٿان چوٽيهہ هزار ڪلوگرام چاندي پول ڏانهن ڏياري موڪليو تہ جيئن هو سندس ملڪ تي حملو نہ ڪري ۽ مناحم جي بادشاهي مضبوط ٿيڻ ۾ سندس مدد ڪري.


مناحم جو باقي احوال ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ هن ڪيو سو سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ