2.بادشاهَہ 15:16 - Muslim Sindhi Bible16 مناحم جڏهن ترضہ کان ڪاهہ ڪيون پئي آيو تڏهن هن رستي تي تفسح شهر کي ۽ سندس رهاڪن ۽ ان جي آسپاس وارن کي بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو، ايستائين جو هن پيٽ وارين عورتن جا بہ پيٽ ڦاڙي ڇڏيا. هن اهو انهيءَ ڪري ڪيو جو اتان جي ماڻهن هن لاءِ دروازو کولڻ کان انڪار ڪيو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 تڏهن مناحم، تفسح، ۽ ٻيا جيڪي انهيءَ ۾ هئا سي، ۽ انهيءَ جون سرحدون، ترضہ کان ماري ورتيون: ڇالاءِ جو هنن اهو شهر کولي هن کي نہ ڏنو، تنهنڪري هن اهو ماري ورتو؛ ۽ اُتي جيڪي زالون پيٽ سان انهيءَ ۾ هيون، تن جو هن پيٽ ڦاڙيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن حزائيل کانئس پڇيو تہ ”منهنجا سائين! ڇو ٿا روئو؟“ هن ورندي ڏنس تہ ”مون کي انهيءَ نقصان جي خبر آهي جيڪو تون اسرائيل وارن کي پهچائيندين. هنن جا مضبوط ڪوٽ تون باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندين، هنن جا جوان ماڻهو تون تلوار سان قتل ڪندين، هنن جا ننڍڙا ٻار زمين تي اڇلائي اڇلائي ماري ڇڏيندين ۽ هنن جي پيٽ وارين عورتن جا تون پيٽ ڦاڙيندين.“