Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 15:13 - Muslim Sindhi Bible

13 يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي بادشاهيءَ جي اوڻيتاليهين سال سلوم ولد يبيس بادشاهي ڪرڻ لڳو. هن سامريہ شهر ۾ رهي هڪڙو مهينو بادشاهي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 سلوم بن يبيس، يهوداہ جي بادشاهہ عزرياہ جي اوڻيتاليهين ورهيہ ۾ بادشاهي ڪرڻ شروع ڪئي؛ ۽ هن سامريہ ۾ هڪڙو مهينو بادشاهي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 15:13
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي بادشاهيءَ جي ستاويهين سال ۾، زمري ترضہ شهر ۾ رهي ست ڏينهن بادشاهي ڪئي. تن ڏينهن ۾ اسرائيل جو لشڪر فلستين جي شهر جِبتون کي گھيري هيٺ رکيو ويٺو هو.


پوءِ هن سمر نالي هڪ شخص کان ستر ڪلوگرام چانديءَ جي عيوض سامريہ جي ٽَڪري خريد ڪئي. هن انهيءَ ٽڪريءَ تي هڪ شهر اڏايو ۽ اتان ئي بادشاهي ڪرڻ لڳو. هن ٽڪريءَ جي اڳئين مالڪ سمر جي نالي پٺيان ان شهر جو نالو سامريہ رکيو.


اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ثانيءَ جي بادشاهيءَ جي ستاويهين سال، عُزياہ ولد امصياہ يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.


يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي بادشاهيءَ جي اٺٽيهين سال، زڪرياہ ولد يربعام ثاني ولد نباط سامريہ شهر ۾ رهي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪيائين.


هو دولت ڳهي تہ ويا آهن، پر اها هو وري الٽي ڪري ٻاهر ڪڍندا، خدا سندن پيٽ مان اها ڪڍي ڇڏيندو.


پر تون بڇڙن کي برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائيندين، تان‌تہ خوني ۽ ٺڳ ماڻهو پنهنجي اڌ عمر تائين بہ جيئرا نہ رهن. باقي اي خدا! منهنجي توڪل تو تي ئي آهي.


جيڪو خون جو ڏوهاري آهي، تنهن جي اوهين مدد نہ ڪريو. اهو جلدي وڃي قبر ۾ پوندو.


ملڪ اندر گھرو لڙائيءَ جي وقت تي گھڻا ئي ماڻهو بغاوت ڪندي حڪمران بڻجيو وڃن، مگر سمجھہ ۽ ڄاڻ وارو هڪڙو ئي حڪمران امن وَ سڪون بحال ڪريو وٺي.


هن ڪتاب ۾ يسعياہ ولد آموص جي رويا بيان ڪيل آهي، جيڪا هن يهوداہ جي بادشاهن عُزياہ، يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ بابت ڏٺي.


بيشڪ ٿوري وقت کان پوءِ هو ائين چوندا تہ ”اسان جو ڪوبہ بادشاهہ ڪونهي رهيو، ڇاڪاڻ تہ اسين خداوند کان نہ ڊناسون. پر جيڪڏهن بادشاهہ هجي بہ ها تہ بہ هو اسان جي لاءِ ڇا ڪري ها؟


هنن پنهنجا بادشاهہ مقرر ڪيا آهن، جيڪي منهنجي طرفان ناهن، هنن جيڪي پنهنجا اڳواڻ بڻايا آهن، تن لاءِ منهنجي رضامندي ڪانهي، هنن سون ۽ چانديءَ جا جيڪي بت ٺاهيا آهن، تن جي ئي ڪري هو تباهہ ٿي ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ