Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 14:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ امصياہ اسرائيل جي بادشاهہ يهوآس ولد يهوآخز ولد ييهو ڏانهن قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ ”اچ تہ هڪٻئي جو مقابلو ڪريون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 پوءِ امصياہ اسرائيل جي بادشاهہ يهوآس بن يهوآخز بن ياهو ڏانهن قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ اچ تہ هڪ ٻئي جي منهن سامهون ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 14:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي بن‌هدد حڪم ڏنو تہ ”کين جيئرو گرفتار ڪريو، پوءِ کڻي هو جنگ لاءِ ايندا هجن يا صلح لاءِ.“


يهوآس جو باقي احوال جيڪي ڪجھہ هن ڪيو، سو سندس ڪارنامن ۽ انهيءَ جنگ سميت جا هن يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ سان ڪئي، سي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


پر امصياہ سندس ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجي ارادي تي قائم رهيو. سو اسرائيل جو بادشاهہ يهوآس پنهنجو لشڪر وٺي روانو ٿيو ۽ يهوداہ ملڪ جي بيت‌شمس شهر وٽ امصياہ سان جنگ ڪيائين.


هيڏانهن جڏهن امصياہ ادومين کي قتل ڪري واپس موٽيو، تڏهن پاڻ سان گڏ ادومين جي ديوتائن وارا بت کڻي آيو ۽ انهن کي پنهنجا معبود بڻائي رکي ڇڏيائين. هن انهن کي سجدو ڪيو ۽ انهن لاءِ قربانيون ڪيائين.


تڪبر وارو صلاح مصلحت تي ڌيان نہ ڏيئي مصيبتن ۾ ڦاسيو وڃي، مگر صلاح مصلحت سان هلڻ ۾ ئي دانائي آهي.


جھيڙي جي شروعات ائين آهي، جيئن ڪنهن درياءَ ۾ روڻ پئجي وڃي. تنهنڪري جھڳڙي ٿيڻ کان اڳ ئي جھيڙو ڪرڻ ڇڏي ڏيو.


بي‌عقل جي ڳالهائڻ مان فتنو فساد ٿو ڦهلجي، ڄڻ تہ هو پنهنجو پاڻ مار گھري ٿو وٺي.


ڪنهن بہ ڪم جي ڪاميابيءَ جو دارومدار بهتر صلاح مشوري تي آهي، خاص طور جنگ ۾ ائين ڪرڻ ضروري آهي.


ڪنهن تي تڙ تڪڙ ۾ الزام هڻي دعويٰ داخل ڪرڻ کان اڳ، پڪ ڪريو تہ اوهين حق تي آهيو، نہ تہ اوهين پنهنجو مقدمو هارائيندا ۽ پشيمان ٿيندا.


جيڪر اهي ماڻهو منهنجي هٿ هيٺ هجن ها! تہ پوءِ آءٌ ابيملڪ کي معزول ڪري ڇڏيان ها! آءٌ ابيملڪ کي چوان ها تہ ’پنهنجو لشڪر وٺي ميدان ۾ نڪري اچ.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ