Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 14:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هن اهي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، تنهن هوندي بہ پنهنجي وڏي دائود جهڙا نہ. هو هر ڳالهہ ۾ پنهنجي پيءُ يوآس جي نقشِ‌قدم تي هليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، تڏهن بہ هن جي پيءُ دائود جهڙا نہ هئا: جيڪي هن جي پيءُ يوآس ڪيو هو، ان موجب هن بہ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 14:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن سليمان پوڙهو ٿيو تڏهن سندس زالن سندس دل ڦيرائي غير معبودن ڏانهن ڪري ڇڏي. جيئن سندس پيءُ دائود جي دل خداوند پنهنجي خدا سان لڳل هئي، تيئن هن جي دل خدا سان پوري طرح لڳل نہ رهي.


آسا پنهنجي ڏاڏي دائود وانگر اهي ڪم ڪيا، جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.


هو اهي سمورا گناهہ ڪندو هو جيڪي هن کان اڳي سندس پيءُ ڪيا هئا. جيئن سندس ابي ڏاڏي دائود جي دل خداوند پنهنجي خدا سان لڳل هئي، تيئن هن جي دل خدا سان پوري طرح لڳل نہ رهي.


سليمان پنهنجي پيءُ جي نصيحتن تي عمل ڪري خداوند سان محبت جو اظهار تہ ڪندو هو، پر مختلف هنڌن تي وڃي ساڙڻ لاءِ قربانيون پڻ پيش ڪندو هو.


يوآس پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ اُهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، ڇو تہ يهويدع ڪاهن سندس رهنمائي ڪندو هو.


هو پنجويهن سالن جي عمر ۾ بادشاهہ ٿيو ۽ اٽڪل اوڻٽيهہ سال يروشلم ۾ رهي بادشاهي ڪيائين. هن جي ماءُ جو نالو يهوعدان هو جيڪا يروشلم جي ئي هئي.


هن جي ڏينهن ۾ غير معبودن جا پوڄا گھر ڪونہ ڊاٺا ويا. ماڻهو اڃا بہ اتي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.


هن پنهنجي وڏي دائود وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.


هن اُهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا. هو پنهنجي وڏي دائود جي سڀني رستن تي هليو، انهن کان ساڄي يا کاٻي بلڪل نہ لڙيو.


يهويدع جي وفات کان پوءِ يهوداہ جي اڳواڻن اچي بادشاهہ يوآس کي ريجھايو ۽ هو سندن ڳالهين تي هلڻ لڳو.


يهويدع ڪاهن جي جيئري يوآس اهي ئي ڪم ڪيا، جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.


اي خداوند! تون منهنجي طاقت، منهنجو قلعو ۽ مصيبت جي وقت منهنجي پناهہ‌گاهہ آهين. تو وٽ ڌرتيءَ جي ڪنڊڪڙڇ کان قومون اينديون ۽ چونديون تہ ”اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙا معبود مليا، هائو، هنن کي بيڪار بت مليا جن کين ڪوبہ فائدو نہ ڏنو.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها اجائي هلت چلت جيڪا اوهان جي ابن ڏاڏن کان هلندي ٿي آئي، تنهن کان اوهان کي ڇڏائڻ جي قيمت سون ۽ چانديءَ جهڙيون فاني شيون نہ هيون،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ