Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 14:23 - Muslim Sindhi Bible

23 يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ ولد يوآس جي بادشاهيءَ جي پندرهين سال اسرائيل جو بادشاهہ يربعام ثاني سامريہ شهر ۾ رهي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ اٽڪل ايڪيتاليهہ سال بادشاهي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ بن يوآس جي پندرهين ورهيہ ۾، اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس سامريہ ۾ بادشاهي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ايڪيتاليهہ ورهيہ بادشاهي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 14:23
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هي ڳالهيون تقوع شهر جي ڌنار عاموس جون آهن. اسرائيل وارن بابت اهي ڳالهيون يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ عُزياہ ۽ اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ يربعام ثاني ولد يهوآس جي ڏينهن ۾ زلزلي کان ٻہ سال اڳ خدا عاموس کي رويا ۾ ڏيکاريون.


انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسرائيل تي يربعام ثاني ولد يهوآس جي بادشاهي هئي ۽ يهوداہ تي عُزياہ، يوتام، آخز ۽ حزقياہ جون بادشاهتون هيون، تن ڏينهن ۾ هوسيع ولد بيريءَ جي معرفت خداوند جو اهو پيغام ڏنو ويو.


جيئن تہ خداوند نہ ٿي چاهيو تہ اسرائيل وارا مڪمل طرح تباهہ ٿي وڃن، تنهنڪري هن انهن کي يربعام ثانيءَ جي وسيلي بچايو.


عُزياہ پنهنجي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ايلات شهر تي ٻيهر قبضو ڪري يهوداہ ملڪ ۾ شامل ڪيو ۽ ان جي نئين سر تعمير ڪرايائين.


هن اهي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هو يربعام ولد نباط وارن انهن سڀني گناهن کان نہ مڙيو جيڪي يربعام اسرائيل وارن کان ڪرايا هئا.


خداوند ييهوءَ کي چيو تہ ”جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو هو تنهن جي تو سٺي تعميل ڪئي آهي ۽ اخي‌اب جي گھراڻي سان اهو ڪجھہ ڪيو اٿيئي جيڪي مون چاهيو پئي. تنهنڪري هاڻ، تو سان منهنجو واعدو آهي تہ تنهنجي اولاد مان چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ڪونہ ڪو ويهندو ايندو.“


يهوآس وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ سندس پٽ يربعام ثاني سندس تخت تي ويٺو. يهوآس کي سامريہ ۾ اسرائيل جي بادشاهن سان گڏ دفن ڪيو ويو.


اسرائيل جي بادشاهہ يهوآس ولد يهوآخز جي بادشاهيءَ جي ٻئي سال، يهوداہ جي بادشاهہ يوآس جو پٽ امصياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو.


يهوآس جو باقي ٻيو احوال، سندس ڪارناما ۽ يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ سان ڪيل جنگ، اهي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


يهوآس وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس سامريہ ۾ اسرائيل جي بادشاهن سان گڏ دفنايو ويو. سندس جاءِ تي سندس پٽ يربعام ثاني تخت‌نشين ٿيو.


اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ثانيءَ جي بادشاهيءَ جي ستاويهين سال، عُزياہ ولد امصياہ يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.


يهوداہ جي بادشاهہ يوتام ۽ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ثاني جي ڏينهن ۾ انهن سڀني جا نالا سندن نسب‌نامن موجب لکيا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ