18 امصياہ جو باقي ٻيو احوال ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.
18 هاڻي امصياہ جا باقي ٻيا ڪم يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟
سليمان جا ٻيا سمورا ڪم جيڪي هن ڪيا ۽ سندس سياڻپ جيڪا هن ڏيکاري، سي سڀ ”سليمان جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.
رحبعام جا باقي ٻيا ڪم جيڪي هن ڪيا سي سڀ ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.
يهوآس جو باقي احوال جيڪي ڪجھہ هن ڪيو، سو سندس ڪارنامن ۽ انهيءَ جنگ سميت جا هن يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ سان ڪئي، سي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.
يهوآخز جو باقي احوال جيڪي ڪجھہ هن ڪيو، سو سندس ڪارنامن ۽ سوڀن سميت ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.
يهوداہ جو بادشاهہ امصياہ ولد يوآس، اسرائيل جي بادشاهہ يهوآس ولد يهوآخز جي مرڻ کان پوءِ پندرهن سال جيئرو هو.
يروشلم ۾ امصياہ جي خلاف سازش ڪئي ويئي، تنهنڪري هو ليڪس شهر ڏانهن ڀڄي ويو. پر دشمنن اوڏانهن بہ سندس پيڇو ڪيو ۽ اتي کيس قتل ڪري ڇڏيائون.
يهورام جو ٻيو احوال ۽ جيڪي ڪجھہ هن ڪيو سو ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.