Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 14:16 - Muslim Sindhi Bible

16 يهوآس وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس سامريہ ۾ اسرائيل جي بادشاهن سان گڏ دفنايو ويو. سندس جاءِ تي سندس پٽ يربعام ثاني تخت‌نشين ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ يوآس پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ سامريہ ۾ اسرائيل جي بادشاهن سان گڏ دفن ڪيو ويو؛ ۽ سندس جاءِ تي سندس پٽ يربعام بادشاهہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 14:16
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تنهنجا ڏينهن پورا ٿيندا ۽ تون وفات ڪري وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيندين، تڏهن تو کان پوءِ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي آءٌ کڙو ڪندس ۽ هن جي بادشاهت بہ قائم ڪندس.


نہ تہ جڏهن توهان وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سمهندا تڏهن آءٌ ۽ منهنجو پٽ سليمان مجرم ليکيا وينداسون.“


يهوآس جو باقي احوال جيڪي ڪجھہ هن ڪيو، سو سندس ڪارنامن ۽ انهيءَ جنگ سميت جا هن يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ سان ڪئي، سي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


يهوآس وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ سندس پٽ يربعام ثاني سندس تخت تي ويٺو. يهوآس کي سامريہ ۾ اسرائيل جي بادشاهن سان گڏ دفن ڪيو ويو.


يهوآخز وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس سامريہ ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ يهوآس سندس جاءِ تي تخت‌نشين ٿيو.


يهوآس جو باقي ٻيو احوال، سندس ڪارناما ۽ يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ سان ڪيل جنگ، اهي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


يهوداہ جو بادشاهہ امصياہ ولد يوآس، اسرائيل جي بادشاهہ يهوآس ولد يهوآخز جي مرڻ کان پوءِ پندرهن سال جيئرو هو.


يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ ولد يوآس جي بادشاهيءَ جي پندرهين سال اسرائيل جو بادشاهہ يربعام ثاني سامريہ شهر ۾ رهي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ اٽڪل ايڪيتاليهہ سال بادشاهي ڪيائين.


يربعام ثانيءَ جو باقي احوال جيڪي ڪجھہ هن ڪيو، سو سندس ڪارنامن ۽ سوڀن سميت، جن ۾ دمشق ۽ حمات شهرن جي اسرائيل ۾ واپسي شامل آهي، اهي سڀ ڳالهيون ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


يهوداہ جي بادشاهہ يوتام ۽ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ثاني جي ڏينهن ۾ انهن سڀني جا نالا سندن نسب‌نامن موجب لکيا ويا.


انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسرائيل تي يربعام ثاني ولد يهوآس جي بادشاهي هئي ۽ يهوداہ تي عُزياہ، يوتام، آخز ۽ حزقياہ جون بادشاهتون هيون، تن ڏينهن ۾ هوسيع ولد بيريءَ جي معرفت خداوند جو اهو پيغام ڏنو ويو.


هي ڳالهيون تقوع شهر جي ڌنار عاموس جون آهن. اسرائيل وارن بابت اهي ڳالهيون يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ عُزياہ ۽ اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ يربعام ثاني ولد يهوآس جي ڏينهن ۾ زلزلي کان ٻہ سال اڳ خدا عاموس کي رويا ۾ ڏيکاريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ