Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 14:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پر امصياہ سندس ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجي ارادي تي قائم رهيو. سو اسرائيل جو بادشاهہ يهوآس پنهنجو لشڪر وٺي روانو ٿيو ۽ يهوداہ ملڪ جي بيت‌شمس شهر وٽ امصياہ سان جنگ ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 پر امصياہ اها ڳالهہ نہ ٻڌي. تنهنڪري يهوآس، اسرائيل جو بادشاهہ اُٿي هليو؛ ۽ بيت شمس، جو يهوداہ جو شهر آهي، تنهن وٽ هو ۽ يهوداہ جو بادشاهہ امصياہ هڪ ٻئي جي منهن سامهون ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 14:11
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوآس جو باقي احوال جيڪي ڪجھہ هن ڪيو، سو سندس ڪارنامن ۽ انهيءَ جنگ سميت جا هن يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ سان ڪئي، سي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


جيئن تہ اڃا هو بادشاهہ سان ڳالهائي رهيو هو تہ بادشاهہ وچ ۾ چيس تہ ”ڇا مون تو کي پنهنجو صلاحڪار بڻايو آهي؟ هاڻي بس ڪر تہ مارائي نہ ڇڏيانءِ.“ تڏهن نبيءَ کڻي بس ڪئي، پر ويندي ويندي بادشاهہ کي ائين چيائين تہ ”هاڻي مون کي معلوم ٿي ويو تہ خدا تو کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح بہ ٻڌڻ نہ ٿو چاهين.“


پر امصياہ سندس ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجي ارادي تي قائم رهيو. اهو ائين ئي ٿيو جيئن خدا چاهيو ٿي تہ انهن کي سندن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هو ادومين جي معبودن جا طالبو ٿي ويا هئا.


پوءِ اُها بعلہ کان اولهہ طرف ادوم جي جابلو علائقي ڏانهن ڦِري ۽ اتان يعريم جبل يعني ڪسلون جي اترينءَ لاهيءَ کان ٿيندي بيت‌شمس ڏانهن لهي اڳتي تمنہ ڏانهن ٽپي ويئي.


ارون، مجدال‌ايل، حريم، بيت‌عنات ۽ بيت‌شمس، ڪل اوڻيهہ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.


عين، يوطہ، بيت‌شمس ۽ پڻ انهن سڀني شهرن جي آس‌پاس جا چراگاهہ. انهن ٻنهي قبيلن يعني يهوداہ ۽ شمعون مان مليل ڪل نَوَ شهر هئا.


ليڪن بني عمون جي بادشاهہ انهن ڳالهين ڏانهن ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو جيڪي افتاح کيس چوائي موڪليون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ