Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 14:10 - Muslim Sindhi Bible

10 سو اي امصياہ! تو برابر ادوم کي شڪست ڏني آهي، تنهنڪري ئي هاڻ تنهنجو مٿو ڦري ويو آهي. پنهنجي انهيءَ هاڪ تي خوش ٿي گھر ۾ ئي ويهي رهہ. ڇو ٿو پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي ملڪ يهوداہ لاءِ مصيبت کي سڏين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 تو برابر ادوم کي جيتيو آهي ۽ تنهنجي دل تنهنجو مٿو ڦيرائي ڇڏيو آهي: انهيءَ تي فخر ڪري گهر ويٺو رهہ: ڇو ٿو ٻين جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪري پاڻ کي نقصان پهچائين، متان تون پاڻ بہ ڪرين ۽ يهوداہ کي بہ پاڻ سان ڪيرائين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 14:10
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

امصياہ لوڻ واري ماٿريءَ ۾ ڏهہ هزار ادومين کي مارائي ڇڏيو ۽ انهيءَ جنگ ۾ هن سلع شهر قبضي ڪري ورتو ۽ انهيءَ جو نالو يقتي‌ايل رکيائين جيڪو اڄ ڏينهن تائين سڏبو اچي.


پر طاقتور ٿيڻ کان پوءِ عُزياہ ڏاڍو مغرور ٿي ويو ۽ هن جو غرور ئي سندس زوال جو سبب بڻيو. هن خداوند پنهنجي خدا جي نافرماني ڪندي هيڪل ۾ اندر گھڙي لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ تي لوبان ساڙيو.


پر حزقياہ ڏاڍو مغرور ٿي پيو ۽ خداوند جي ڪيل احسانن جي شڪرگذاري نہ ڪيائين، جنهن ڪري مٿانئس ۽ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ تي غضب نازل ٿيو.


پر نڪوہ ايلچي موڪلي کيس چوائي موڪليو تہ ”اي يهوداہ جا بادشاهہ! تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪهڙو جھڳڙو آهي؟ هن وقت آءٌ تو تي حملي ڪرڻ لاءِ ڪونہ آيو آهيان، پر جنهن بادشاهہ سان منهنجي جنگ آهي تنهن سان وڙهڻ ٿو وڃان. خدا مون کي جلدي پهچڻ لاءِ حڪم ڏنو آهي، سو خدا جي ڪم ۾ رنڊڪ نہ وجھہ. هو مون سان گڏ آهي متان هو تو کي ناس ڪري ڇڏي.“


موسيٰ ورندي ڏنس تہ ”آءٌ خوشيءَ سان تنهنجي لاءِ دعا گھرندس. هاڻي وقت مقرر ڪري ٻڌاءِ تہ ڪڏهن آءٌ تنهنجي، تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجي رعيت جي لاءِ دعا گھران تہ هي ڏيڏر تو تان ۽ تنهنجي گھرن تان دفع ٿين ۽ رڳو درياءَ ۾ وڃي رهن.“


جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، مگر ٿڌي طبيعت وارو ماڻهو جھڳڙا ٽاريو ڇڏي.


مغرورن کي تباهي وَ برباديءَ تائين پهچايو ويندو. هائو، هٺيلن کي ڪنڌ ڀر ڪيرايو ويندو.


جھيڙي جي شروعات ائين آهي، جيئن ڪنهن درياءَ ۾ روڻ پئجي وڃي. تنهنڪري جھڳڙي ٿيڻ کان اڳ ئي جھيڙو ڪرڻ ڇڏي ڏيو.


جيڪي جھيڙي کان پري ٿا رهن، سي ئي شريف ماڻهو سمجھيا ٿا وڃن. رڳو بي‌وقوف ماڻهو ئي جھڳڙو ڪرڻ جا عادي آهن.


ڪنهن تي تڙ تڪڙ ۾ الزام هڻي دعويٰ داخل ڪرڻ کان اڳ، پڪ ڪريو تہ اوهين حق تي آهيو، نہ تہ اوهين پنهنجو مقدمو هارائيندا ۽ پشيمان ٿيندا.


پرائي جھيڙي ۾ ٽنگ اڙائڻ، ائين آهي جيئن رولو ڪتي کي ڪن کان پڪڙڻ.


جيڪڏهن ڪنهن اوهان کي نقصان نہ پهچايو آهي تہ انهيءَ سان اوهين بنا سبب جھڳڙو نہ ڪجو.


وڏيءَ ڏاهپ سان واپار ڪندي تو پنهنجي دولت کي وڌايو آهي. تنهنجي انهيءَ دولت جي ڪري تنهنجيءَ دل ۾ ڪيڏو نہ تڪبر اچي ويو آهي!


گھڻو اڳي مون پنهنجي نبين جي معرفت بني اسرائيل کي خبردار ڪيو هو تہ ڪجھہ عرصي بعد آءٌ سندن دشمن لشڪرن کي مٿن چاڙهي آڻيندس. سو اي ياجوج! سندن اهو دشمن تون ئي آهين ۽ اهو ڏينهن بہ اچڻ وارو آهي.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! مسڪ ۽ توبل قومن جي حڪمرانِ‌اعليٰ ياجوج خلاف تون اڳڪٿي ڪر، جيڪو ماجوج جي علائقي ۾ رهي ٿو. هائو، تون کيس ننديندي


انهن سان گڏ فارس، سوڊان ۽ لبيا جي ماڻهن کي بہ گهلي ڪڍندس، جيڪي سڀيئي سپربردار ۽ جنگي ٽوپ پهريل هوندا.


انهيءَ وڏي ڪٽڪ کي شڪست ڏيڻ سان مصر جي بادشاهہ جي دل ۾ مغروري اچي ويندي. پر جيتوڻيڪ هو لکين سپاهين کي قتل ڪندو، تنهن هوندي بہ سندس حاصل ڪيل فتح مڪمل نہ هوندي،


لک تہ ’بڇڙا پنهنجي بڇڙائيءَ سبب فنا ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ انهن جون خواهشون سچائيءَ تي ناهن. پر سچار پنهنجي ايمانداريءَ سببان زندہ رهندا.‘“


سچ پچ بڇڙا ماڻهو مئي جيان ٺڳين ٿا، اهي هٺيلا آهن ۽ ٽِڪاڻو تہ اٿن ئي ڪونہ. اهي ايترا ئي حريص آهن جيترو موت، هائو، موت وانگر سندن ڍءُ ئي نہ ٿو ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو هو سڀني قومن کي پنهنجي گھيري هيٺ ٿا آڻين، ۽ سڀني ماڻهن کي قيدي ٿا بڻائين.


تڏهن اوهان جي دل ۾ مغروري اچي وڃي. پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي وساري ويهو، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.


غريب ايمان واري کي مسيح ۾ پنهنجي اعليٰ مرتبي تي فخر ڪرڻ گھرجي،


پر انهيءَ غيرتمنديءَ کان وڌيڪ خدا اسان تي فضل ٿو ڪري. انهيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“


ابيملڪ ٺُلهہ وٽ اچي ان جو گھيرو ڪري اڳتي وڌيو. جڏهن هو ٺُلهہ جي در کي تمام ويجھو وڃي ٿيو تان‌تہ انهيءَ کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ