2.بادشاهَہ 13:7 - Muslim Sindhi Bible7 يهوآخز جي فوج ۾ پنجاهہ گھوڙي سوارن، ڏهن جنگي گھوڙي گاڏين ۽ ڏهہ هزار پيادن کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين بچيو هو، ڇاڪاڻ تہ ارامين انهن جا ڪيترائي فوجي ماري ڇڏيا هئا. کين اهڙو ڪري ڇڏيو هئائون جهڙي اَن ڳاهڻ واري پِڙ ۾ مٽي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible7 ڇالاءِ جو هن يهوآخز لاءِ ماڻهن مان پنجاهہ گهوڙي سوارن ۽ ڏهن رٿن، ۽ ڏهن هزارن پيادن کانسواءِ ٻيو ڪي ڪين ڇڏيو؛ جو ارام جي بادشاهہ هنن کي چٽ ڪري ڇڏيو هو، ۽ اهڙو ڪري ڇڏيو هئائين جهڙي اَن ڳاهڻ جي پڙ ۾ مٽي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن حزائيل کانئس پڇيو تہ ”منهنجا سائين! ڇو ٿا روئو؟“ هن ورندي ڏنس تہ ”مون کي انهيءَ نقصان جي خبر آهي جيڪو تون اسرائيل وارن کي پهچائيندين. هنن جا مضبوط ڪوٽ تون باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندين، هنن جا جوان ماڻهو تون تلوار سان قتل ڪندين، هنن جا ننڍڙا ٻار زمين تي اڇلائي اڇلائي ماري ڇڏيندين ۽ هنن جي پيٽ وارين عورتن جا تون پيٽ ڦاڙيندين.“