2.بادشاهَہ 13:6 - Muslim Sindhi Bible6 انهيءَ هوندي بہ هو انهن گناهن کان باز نہ آيا جن ۾ يربعام کين آڻي وڌو هو، پر انهن کي جاري رکندا آيا، بلڪ سامريہ ۾ يسيرہ ديويءَ جي مورتي بہ رکي رهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 انهيءَ هوندي بہ هو يربعام جي گهراڻي وارن گناهن کان باز نہ آيا، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايو، پر انهن تي هلندا آيا: ۽ سامريہ ۾ يسيرت بہ رهيو پيو هو.) အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هن ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر ڊهرائي ڇڏيا ۽ سڀيئي ٿنڀي جيان کوڙيل بت يسيرہ ديويءَ وارن بتن سميت ڪيرائي ۽ ڀڃرائي ڇڏيائين. هن موسيٰ جي ٺاهيل انهيءَ پيتلي نانگ کي بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو، جنهن کي نحشتان سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ تہ ان وقت تائين بني اسرائيل انهيءَ آڏو ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.
تڏهن يوسياہ بادشاهہ سردار ڪاهن خلقياہ، نائب ڪاهنن ۽ دربانن کي حڪم ڏنو تہ ”خداوند جي هيڪل مان اهي سڀ شيون ٻاهر ڪڍيون وڃن، جيڪي بعل ديوتائن، يسيرہ ديويءَ ۽ آسماني ستارن جي لاءِ جوڙايون ويون هيون.“ پوءِ بادشاهہ اهي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر وٽ ساڙائي ڇڏيون ۽ انهن جي رک بيتايل ڏانهن موڪلي ڇڏي.