Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 13:5 - Muslim Sindhi Bible

5 خداوند اسرائيل وارن کي هڪڙو ڇڏائڻ وارو ڏنو، جنهن کين ارامين جي ظلم مان ڇڏايو ۽ اهڙيءَ طرح اسرائيل وارا اڳي وانگر پنهنجن گھرن ۾ امن وَ سڪون سان رهڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 (۽ خداوند اسرائيل کي هڪڙو نجات ڏيندڙ بخشيو، جنهنڪري هو ارامين جي زيردستيءَ کان ڇُٽا: ۽ بني اسرائيل اڳي وانگر پنهنجن تنبن ۾ رهڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 13:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بن‌هدد جي بادشاهيءَ دوران يهوآس ولد يهوآخز اهي شهر کانئس کسي ورتا جيڪي هن جنگ ۾ سندس پيءُ يهوآخز کان قبضي ڪيا هئا. يهوآس ٽي ڀيرا هن کي شڪست ڏني ۽ اسرائيل جا شهر هن کان موٽائي هٿ ڪيائين.


هن اسرائيل جا اڳيان علائقا وري فتح ڪيا، جيڪي اتر ۾ حمات لڪ کان وٺي ڏکڻ ۾ کاري سمنڊ تائين هئا. اهو ائين ئي ٿيو جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا پنهنجي ٻانهي جات‌حفر شهر واري نبي يونس ولد اَمتيءَ جي معرفت فرمايو هو.


جيئن تہ خداوند نہ ٿي چاهيو تہ اسرائيل وارا مڪمل طرح تباهہ ٿي وڃن، تنهنڪري هن انهن کي يربعام ثانيءَ جي وسيلي بچايو.


گذريل ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ سائول بادشاهہ هو، تہ بہ اوهين ئي هئا جيڪي جنگ ۾ بني اسرائيل جي اڳواڻي ڪندا هئا. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن اوهان کي چيو هو تہ ’تون منهنجي قوم بني اسرائيل جي نگهباني ڪندين ۽ سندن بادشاهہ ٿيندين.‘“


تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جن کين ڏاڍو ستايو. پوءِ جڏهن مٿن ظلم ٿيڻ لڳو، تہ وٺي تو کي ٻاڏايائون. تڏهن عرش عظيم مان تو سندن دانهون ورنايون، ۽ پنهنجي وڏي ٻاجھہ سان تو هنن کي ڇڏائڻ وارا موڪليا، جن کين سندن دشمنن جي هٿان ڇڏايو.


جيڪڏهن تون هن وقت ماٺ ڪري ويهي رهندينءَ تہ يهودين جو بچاءُ ڪنهن ٻئي هنڌان بہ ٿي ويندو. پر تون ۽ تنهنجي پيءُ جو سڄو گھراڻو ناس ٿي ويندو. تو کي ڪهڙي خبر آهي تہ شايد تون هن ئي وقت لاءِ انهيءَ مقام تي پهتي هجين؟“


تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”اي مالڪ! مون کي نہ موڪل. آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هئس ۽ نہ هاڻي، جڏهن کان تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجي زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان.“


اهي ٻئي شيون مصرين لاءِ انهيءَ ڳالهہ جي ثابتي هونديون تہ قادرِمطلق خداوند ساڻن گڏ موجود آهي. پوءِ اهي جڏهن ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي پوندا، تڏهن خداوند جي حضور ۾ مدد لاءِ ٻاڏائيندا تہ هو سندن لاءِ ڪو بچائيندڙ ۽ مددگار موڪليندو، جيڪو اچي کين دشمنن کان ڇڏائيندو.


يروشلم وارا ماڻهو مختلف علائقا فتح ڪري صيئون جبل تان ادوم تي بہ حڪمراني ڪندا. تڏهن سڀني قومن تي مون خداوند جي ئي بادشاهت قائم ٿي ويندي.“


ٻڌو، اڄ دائود جي ڳوٺ ۾ اوهان لاءِ هڪڙو ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جيڪو مسيح ۽ خداوند آهي.


جيڪو خوني پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀڄي اوڏانهن وڃي، تنهن بابت هي حڪم آهي. ٿي سگھي ٿو تہ ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي بناارادي ماري وجھي، جڏهن تہ اڳي انهيءَ سان ڪابہ دشمني نہ هجيس.


تڏهن خداوند جِدعون، برق، افتاح ۽ آخر ۾ مون سموئيل کي موڪليو. اسان مان هر ڪنهن اوهان کي اوهان جي دشمنن، جيڪي اوهان جي چوڌاري هئا، تن جي هٿان ڇڏايو ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا آيا.


تڏهن يونتن دائود کي سڏايو ۽ اهي سڀ ڳالهيون کيس بيان ڪري ٻڌايائين. پوءِ هو دائود کي سائول وٽ وٺي آيو ۽ اڳي وانگر دائود سائول جي حاضريءَ ۾ رهڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ