Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 13:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تنهنڪري خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل وارن تي ڀڙڪي اُٿي ۽ هن انهن کي بار بار ارام جي بادشاهہ حزائيل ۽ پوءِ سندس پٽ بن‌هدد بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيئي ٿي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي، ۽ هن انهن کي ارام جي بادشاهہ حزائيل، ۽ بن هدد بن حزائيل جي هٿن ۾ ساندهہ ڏيئي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 13:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو حزائيل جي تلوار کان بچي نڪرندو تنهن کي ييهو ماريندو ۽ جيڪو ييهوءَ جي تلوار کان بچي نڪرندو تنهن کي اليشع ماريندو.


انهيءَ دوران ارام جي بادشاهہ حزائيل، جات شهر تي حملو ڪري مٿس قبضو ڪري ورتو. تنهن کان پوءِ هو يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ ڦريو.


يهوآخز جي بادشاهيءَ دوران ارام جي بادشاهہ حزائيل اسرائيل وارن تي ڏاڍا ظلم ڪيا.


تنهنڪري خداوند بني اسرائيل جي سڄي نسل کي ڌڪاري ڇڏيو، انهن تي تڪليفون آندائين ۽ انهن کي ڦرلُٽ ڪندڙن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، ايستائين جو هنن کي پنهنجي حضور مان تڙي جلاوطن ڪري ڇڏيائين.


آءٌ دمشق جي ڪوٽ ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس، جيڪا بادشاهہ بن‌هدد جي محلاتن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. اهو مون قادرِمطلق خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ اوهان جي خلاف ٿي ويندس، تڏهن اوهين پنهنجن دشمنن اڳيان شڪست کائيندا. جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا ۽ ڪو اوهان جو پيڇو نہ بہ ڪندو هوندو، تہ بہ اوهين ڀڄندا وتندا.


مون اوهان ۾ وبا موڪلي، جهڙيءَ طرح مصر ۾ موڪلي هئم. اوهان جي جوانن کي جنگ ۾ تلوار سان قتل ڪرايم، اوهان جا گھوڙا اوهان کان کسيم، ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ ۾ لاشن جي بدبوءِ اوهان جي ناسن تائين آندم. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


خداوند اوهان جي دشمنن کي اوهان مٿان فتح ڏيندو. اوهين هڪڙي رستي کان هنن تي حملو ڪندا ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان وٺي ڀڄندا. دنيا جي سڀني قومن کي اهو ڏسي هيبت وٺي ويندي تہ اوهان سان ڇا ٿو ٿئي.


ڇاڪاڻ تہ اسان جو خدا ساڙي رک ڪرڻ واري باهہ آهي.


تنهن تي خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ هن کين ڦورن جي حوالي ڪري ڇڏيو جن کين ڦري لٽي ڇڏيو. هن انهن کي سندن آس‌پاس وارن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ سگھيا.


تڏهن خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ هن انهن کي ارام علائقي جي هڪ بادشاهہ ڪوشن رسعتيم جي هٿ ڏيئي ڇڏيو. سو بني اسرائيل اٺن سالن تائين ڪوشن رسعتيم جي غلامي هيٺ رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ