تڏهن هيڪل ۾ ۽ شاهي محل ۾ جيڪو سون ۽ چاندي بچيو هو، سو آسا پنهنجي عملدارن جي هٿ ارام جي بادشاهہ بنهدد، جيڪو طابرمون جو پٽ ۽ حزيون جو پوٽو هو تنهن ڏانهن دمشق شهر ۾ ڏياري موڪليو. هي نياپو پڻ موڪليائينس تہ
پر خداوند هنن تي مهربان ٿيو ۽ مٿن رحم ڪيائين ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان پنهنجي ٻڌل عهد جي ڪري هنن تي ٻاجھہ ڪيائين. اڄ ڏينهن تائين هن کين تباهہ ڪرڻ يا پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍڻ نہ چاهيو.
بنهدد جي بادشاهيءَ دوران يهوآس ولد يهوآخز اهي شهر کانئس کسي ورتا جيڪي هن جنگ ۾ سندس پيءُ يهوآخز کان قبضي ڪيا هئا. يهوآس ٽي ڀيرا هن کي شڪست ڏني ۽ اسرائيل جا شهر هن کان موٽائي هٿ ڪيائين.