Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 13:21 - Muslim Sindhi Bible

21 هڪ دفعي جڏهن اسرائيل جا ڪي ماڻهو هڪڙو لاش دفن ڪري رهيا هئا تڏهن هنن هڪڙو ڪاهہ ڪندڙن جو ٽولو ڏٺو. تنهنڪري هو ان لاش کي اليشع جي قبر ۾ اڇلائي ڀڄي ويا. جنهن وقت اهو لاش اليشع جي هڏن کي وڃي لڳو، انهيءَ دم اهو ماڻهو وري جيئرو ٿي پيو ۽ پيرن ڀر اُٿي بيهي رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ هيئن ٿيو تہ هڪڙي ماڻهو کي دفن پي ڪيائون تہ ڏس، هنن هڪڙي ٽولي ڏٺي؛ ۽ هنن انهيءَ ماڻهو کي کڻي اليشع جي قبر ۾ اُڇلايو؛ ۽ جنهن وقت اُهو ماڻهو اليشع جي هڏن کي وڃي لڳو، انهيءَ وقت هو وري جيئرو ٿي پيو، ۽ اُٿي پيرن ڀر بيهي رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 13:21
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوآخز جي بادشاهيءَ دوران ارام جي بادشاهہ حزائيل اسرائيل وارن تي ڏاڍا ظلم ڪيا.


تڏهن هو ٻار تان لٿو ۽ ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦيرا ڏيڻ لڳو ۽ پوءِ وري وڃي ٻار جي مٿان جھڪيو، تڏهن ٻار ست ڀيرا نڇون ڏنيون ۽ پوءِ اکيون کوليائين.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اوهان جي قوم وارا جيڪي مري ويا آهن، سي وري جيئرا ٿي اٿندا. هائو، منهنجي ماڻهن جا لاش وري جيئرا ٿي اٿندا. سو اي قبر ۾ وڃي سمهڻ وارؤ! اوهين جاڳي اُٿو ۽ خوشيءَ وچان ڳايو. هائو، جيئن چمڪندڙ ماڪ جي وسيلي آءٌ خداوند ڌرتيءَ کي تازو توانو ٿو ڪريان، تيئن ئي آءٌ انهن مري ويلن کي نئين سر جيئرو ڪندس.“


تنهن تي مئل ماڻهو جيئرو ٿي ٻاهر نڪري آيو. هن جا هٿ ۽ پير ڪفن سان ٻڌل هئا ۽ سندس منهن رومال سان ويڙهيل هو. عيسيٰ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”هن کي کوليو تہ گھمي ڦري.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اها گھڙي اچي رهي آهي بلڪ اچي پهتي آهي، جڏهن مئل ماڻهو خدا جي فرزند جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيئرا ٿيندا.


ايتري قدر جو جيڪڏهن رومال يا ڪوبہ ڪپڙو پولس جي بدن کي ڇهي کڻي وڃي بيمارن کي لائيندا هئا تہ انهن کي بيماري ڇڏي ويندي هئي ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن مان ڀوت نڪري ويندا هئا.


رسولن جا معجزا ڏسي ماڻهو بيمارن کي گھٽين ۾ آڻي کٽولن ۽ تڏن تي رکڻ لڳا تہ جڏهن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انهن مان ڪن تي پوي.


اِنهن ساڍن ٽن ڏينهن کان پوءِ خدا انهن شاهدن ۾ وري حياتيءَ جو روح ڦوڪيو ۽ اهي اُٿي کڙا ٿيا. جيڪي کين ڏسي رهيا هئا، تن کي ڏاڍي دهشت وٺي ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ